اسلام آباد( م ڊ) مسلم ليگ ن جي قائد نواز شريف پارٽي صدر ۽ وزيراعظم شهباز شريف کي هدايت ڪئي آهي ته جلد ڪابينا جوڙي وڃي ۽ منشور تي عمل شروع ڪيو وڃي، مسلم ليگ (ن) جي قائد نواز شريف جي صدارت هيٺ پارٽي جو اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وزيراعظم شهباز شريف سميت ن ليگ جي سينيئر قيادت شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ اهم قومي ۽ سياسي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ذريعن موجب نواز شريف شهباز شريف کي چيو ته جلد ڪابينا ٺاهي ۽ منشور تي عمل شروع ڪري، ذريعن جو چوڻ آهي ته نواز شريف اهو به چيو ته اسان هن وقت جبل وانگر چئلينجز کي منهن ڏئي رهيا آهيون ۽ عوام کي اسان مان وڏيون اميدون آهن، مهانگائي ۾ گهٽتائي به ضروري آهي،ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي ڪابينا ۾ پيپلزپارٽي کي به شامل ڪرڻ تي غور ويچار ڪيو ويو آهي، ۽ ان موقعي تي شهباز شريف چيو ته هو آصف زرداري کي ٻيهر وفاقي ڪابينا ۾ شامل ٿيڻ جي درخواست ڪندو.