پي ٽي آءِ سان زيادتي ٿي رهي آهي:ليگي اڳواڻ محمد زبير

لاهور(عوامي آواز نيوز) ن ليگ جي اڳواڻ۽ سنڌ جي اڳوڻي گورنر محمد زبير چيو آهي ته  نواز ليگ سنڌ ۾ ايتري مقبول ناهي، ٽيون ڀيرو جي ڊي اي،جي يو آءِ ف،ايم ڪيو ايم ۽ ٻين پارٽين سان مفاهمت ڪري سنگين غلطي ورجائي وئي جنهن جي ڪري صوبي مان هڪ به سيٽ پارٽي کي نه ملي سگهي آهي، مبشر لقمان جي يوٽيوب چئنل تي انٽرويو ۾ هن چيو ته منهنجا پارٽي سان اختلاف آهن، مان بي اعتمادي رٿ تائين پارٽي سان گڏ هئس،پر ان کان پوءِ 16 مهينن تائين حڪومت وٺڻ جي حق ۾ نه هئس ان کانپوءِ جيڪو ٿيو اهو اوهان ڏٺو ته ن ليگ جي قيادت 2017ع تائين حڪومت جي قدمن جو ڪريڊٽ ته کڻندي رهي پر 2023ع واري حڪومت جي قدمن جو دفاع به نه پيا ڪري سگهن 16 مهينن ۾ بدترين حڪمراني ڪئي وئي، هن چيو ته نوازشريف، عمران خان نه پر عوام جي مفادن جي ڳالهه ڪئي وڃي، مهانگائي بدترين سطح تي وڌي وئي آهي، ن ليگ مهانگائي جي شرح 38 سيڪڙو تائين کڻي آئي، اليڪشن ۾ ن ليگ کي مينڊيٽ به ايترو نه مليو، هن چيو ته مفتاح اسماعيل جڏهن پي ڊي ايم حڪومت ۾ ناڻي وزير ٿي آيو ته ان وقت چئلينج وڏا هئا، هو آءِ ايم ايف کي ٻيهر واپس وٺي آيو پر بدقسمتي سان اسحاق ڊار پنهنجي دور ۾ ان پروگرام ۾ بگاڙ پيدا ڪيو،هن آءِ ايم ايف کي تڙيون ڏنيون، اڳ ۾ دوست ملڪ پئسا ڏئي ڇڏيندا هئا پر نه رڳو دوست ملڪن پر عالمي ادارن به پئسا ڏيڻ کي آءِ ايم ايف پروگرام سان مشروط ڪري ڇڏيو هو، سعودي عرب تڏهوڪي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري کي به پئسا ڏيڻ کان منع ڪري ڇڏيو هو، هن چيو ته 16 مهينن جي ڪارڪردگي خراب هئي،هن وقت 10 ڪروڙ پاڪستاني غربت جي لڪير کان هيٺ آهن، پاڪستان دنيا ۾ ٻيو ملڪ آهي جتي اسڪولن کان ٻاهر ٻارن جو انگ سڀ کان وڌيڪ آهي،چاليه سيڪڙو ٻار غذائي کوٽ جو شڪار آهن، اسان کي انهن ڳالهين جو حساب ڏيڻو آهي، رڳو حلف برداري تقريبن ۾ تاڙيون ناهي وڄائڻيون،اسان بنيادي شين کي وساري ڇڏيون ٿا، ٽيڪس سڌارا،سرڪاري ادارن جو خراب حال آهي،عوام 76 سالن کان اشرافيه ،پاليسي ٺاهيندڙن ڏانهن ڏسي رهيو آهي، هاڻي ته هڪ وقت جي ماني به ماڻهن کي ميسر ناهي، آمدني وڌي رهي آهي، ان جو حل سڀ گڏجي ويهي حڪومت ٺاهڻ ۾ ناهي، ڪنهن هڪ پارٽي کي مينڊيٽ ملڻ گهرجي ها، پ پ ،جي يو آءِ، پي ٽي آءِ جون معاشي پاليسيون الڳ الڳ آهن، پرڏيهي پاليسي ۾ به هر ڪنهن جي پنهنجي پنهنجي راءِ هوندي، هن چيو ته اعتماد جي کوٽ آهي،رياست ۽ عوام وچ ۾ وڏو گيپ آهي، پڙهيل لکيل شهري مڊل ڪلاس جي ڳالهه سڄي دنيا ۾ ٻڌي ويندي آهي هتي انهن جو ناتو ختم ٿيل آهي، ماڻهن جو هن حڪومت تي اعتماد ناهي، شهبازشريف لاءِ اهو اعتماد جي بحالي وڏو چئلينج آهي، هن چيو ته اسان جو عدالتي نظام سياسي نظام کان به ايترو ته خراب ٿي چڪو آهي جو لڳي رهيو آهي ته جيڪي غلط ڪم 2017ع ۾ ن ليگ جي کاتي ۾ وڌا ويا اهي 2022،2023ع ۾ پي ٽي آءِ جي کاتي ۾ وڌا ويا آهن، جنهن کي حڪومت ۾ آندو وڃي ٿو ته ان تي سمورا ڪيس ختم ڪيا ويندا آهن جنهن کي حڪومت کان لاهڻو هوندو آهي ان تي ڪيسن جو ختم نه ٿيندڙ سلسلو شروع ٿي ويندو آهي، هتي ڪيسن جي ڪا به ساک ناهي، هن چيو ته پاڪستان جي تاريخ ڏسجي ته عمران خان جيل کان ٻاهر نظر اچي رهيو آهي،عدت وارو ڪيس ته بلڪل فاش غلطي آهي، رياست جو ان ذاتي معاملي ۾ ڪجهه نه وڃي، نوازشريف ۽ عمران خان جي ڪيسن جي ڪا به ساک ناهي، ڪي وڏا اشو نه ٿيا ته پي ٽي آءِ عمران خان کي جيل مان ٻاهر اچي سگهي ٿي، معيشت خراب، مهانگائي وڌندي رهي ته پوءِ ڪو متبادل ئي ڳوليو ويندو،سڀ کان وڏي پارٽي کي دٻائي نٿو سگهجي،هن چيو ته عورت قيدين کي آزاد هئڻ گهرجي، صنم جاويد 9 ڀيرا گرفتار ٿي آهي، جيڪڏهن 9 مئي واقعي ۾ ملوث آهي ته ڪيس ته هلايو وڃي، پي ٽي آءِ سان وڏي زيادتي ٿي رهي آهي، توهان پي ٽي آءِ تي پابندي به نه پيا هڻي سگهو، جڏهن چونڊن ۾ حصو وٺي ٿي ته عدالت ذريعي ان کان چونڊ نشان ئي کسيو وڃي ٿو باقي 180 پارٽين لاءِ انٽرا پارٽي چونڊن جو ڪو مسئلو ناهي پر پي ٽي آءِ لاءِ انٽرا پارٽي چونڊ لازمي بڻائي وئي اهو به ان وقت ۾ جڏهن انهن جا ماڻهو  گهرن مان نه پيا نڪري سگهن، اليڪشن نتيجن سان ڪهڙو کلواڙ ڪيو ويو، مون وٽ اهڙو اطلاع ناهي ته نوازشريف ۽ مريم نواز اليڪشن هارائي چڪا آهن، اليڪشن نتيجن سان اليڪشن ڪميشن پنهنجي ساک وڃائي ڇڏي، هن چيو ته مصطفيٰ نواز کوکر ۽ حافظ نعيم الرحمان پاڻ گواهي ڏني آهي ته اسان جي مخالفت ۾ بيٺل پي ٽي آءِ اميدوار ڪامياب ٿيا آهن پر انهن کي هارايو ويو، ان ماحول ۾ اکيون ڪن بند ڪري پاڪستان کي ڪيئن اڳتي وڌائي سگهجي ٿو، هن چيو ته جيئن عمران خان جو قصو آهي هڪ زماني ۾ شيخ مجيب الرحمان، ذوالفقار علي ڀٽو، بينظير ڀٽو ۽ نوازشريف سان به ايئن ڪيو ويو، هن چيو ته هڪ وقت ۾ مان نوازشريف جي تمام گهڻو ويجهو هئس پر ان قسم جون ڳالهيون ڪري هاڻي آئسوليٽ ٿي ويو آهيان، مان سول بالادستي،ڀارت سان لاڳاپن، عوام دوست معيشت جي بنياد تي ن ليگ ۾ شامل ٿيو هئس، 2018ع کان پوءِ اسان سول بالادستي جي جنگ وڙهي هئي، تڏهن ن ليگ سان زيادتي ٿي هئي هاڻي پي ٽي آءِ سان ٿي رهي آهي، پي ٽي آءِ سان انصاف ٿيڻ گهرجي، هڪ به پاڪستاني نٿو مڃي ته اليڪشن کان هفتو اڳ لڳاتار ٽي فيصلا عمران خان خلاف ڏنا ويا،مشڪل ترين حالتن ۾ به پي ٽي آءِ پاڻ ملهايو،اليڪشن ڪميشن فارم 45 پندرهن ڏينهن ۾ اپ لوڊ ڇو نه ڪيو؟پاڪستان ۾ نااهلي ايتري آهي جو غلط ڪم ڪرڻ جو به سليقو ناهي، اليڪشن ڪمشنر جي وارننگ واري چونڊن واري رات 12 وڳي تائين نتيجا نه اچي سگهيا،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.