ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ حڪم جاري ڪيو آهي ته سنڌ اسيمبليءَ جي ٽن مخصوص سيٽن کي صدارتي چونڊن ۾ نه ڳڻيو وڃي. پ پ جي سميتا افضال، ايم ڪيو ايم جي فوزيا حميد ۽ پ پ جي اقليتي سيٽ تي سريندر ولاسائي گذريل ڏينهن قسم کنيون ه، .سنڌ هاءِ ڪورٽ اڄ سنڌ اسيمبليءَ ۾ سني اتحاد ڪائونسل کي مخصوص سيٽون نه ڏيڻ واري ڪيس جو لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو، حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته صدارتي چونڊن ۾ عدالت سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبرن طرفان پنهنجي پسنديدا اميدوار جي حق ۾ ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ واري عمل ۾ مداخلت نٿي ڪرڻ چاهي، پر تيستائين صوبائي اسيمبلي جي ٽن ووٽن کي فيصلائتو نه سمجهيو وڃي جيستائين درخواست تي حتمي فيصلو نٿو اچي. ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ طرفان درخواست ٻڌڻي جوڳي هجڻ تي اعتراض واريو ويو آهي. ٻئي پاسي سنڌ حڪومت جو موقف آهي ته سنڌ اسيمبلي جي ٽنهي ميمبرن ست مارچ تي قسم کڻي ورتو آهي انڪري درخاوست غير اثرائتي ٿي چڪي آهي، عدالت اليڪشن ڪميشن، ايم ڪيو ايم، پيپلز پارٽي کان 28 مارچ تي جواب طلب ڪري ورتو آهي. هوڏانهن لاهور هاءِ ڪورٽ سني اتحاد ڪائونسل کي مخصوص سيٽون نه ملڻ خلاف درخواست تي لاڳاپيل ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو آهي، وڌيڪ ٻڌڻي 13 مارچ تائين ملتوي ڪئي وئي آهي.
-
صدارتي چونڊ ۾ محمود اچڪزئي جي ڀرپور حمايت ڪنداسين: سني اتحاد ڪائونسل
اسلام آباد(م ڊ) سني اتحاد ڪائونسل جي چيف وهپ چيو آهي ته پارٽي ملڪ جي صدر جي چونڊ ۾ محمود اچڪزئي جي ڀرپور حمايت ڪندي. گذريل ڏينهن ملڪ جي 14هين صدر جي چونڊ جي حوالي سان سني اتحاد ڪائونسل پارلياماني پارٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سمورن ميمبرن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران سني اتحاد ڪائونسل اليڪشن ڪميشن طرفان ٻين پارٽين کي مخصوص سيٽون ڏيڻ واري قدم جي مذمت ڪئي.
-
محسن نقوي سينيٽ چونڊ وڙهندو، گهرو صلاحڪار بڻجڻ جو امڪان
لاهور (م ڊ) پنجاب جو اڳوڻو نگران وڏي وزير ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي موجودا چيئرمين محسن نقوي سينيٽ جي چونڊ وڙهندو. ذريعن موجب، محسن نقوي کي گهرو معاملن جو صلاحڪار بڻائڻ جو امڪان آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته محسن نقوي پي سي بي چيئرمين جو عهدو پڻ برقرار رکندو. ياد رهي ته محسن نقوي موجودا حڪومت ٺهڻ کان اڳ پنجاب جي نگران وڏي وزير جي عهدي تي پڻ رهي چڪو آهي جڏهن ته هو هن وقت پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۾ چيئرمين طور ذميورايون انجام ڏئي رهيو هي.