محمود خان اچڪزئي صدارتي چونڊون ملتوي ڪرائڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن کي خط لکي ڇڏيو

اسلام آباد( م ڊ) صدارتي چونڊن کان هڪ ڏينهن اڳ سني اتحاد ڪائونسل جي اميدوار محمود خان اچڪزئي صدارتي  اليڪشن ملتوي ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو،  محمود خان اچڪزئي اليڪشن ڪميشن کي خط لکي چيو آهي ته قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جون ڪيتريون ئي مخصوص سيٽون اڃا خالي آهن، اليڪٽورل ڪاليج مڪمل ٿيڻ تائين صدارتي چونڊون ملتوي ڪيون وڃن، اڄ ٿيندڙ صدارتي چونڊن ۾ آصف علي زرداري ۽ محمود خان اچڪزئي هڪ ٻئي جي آمهون سامهون آهن، صدارتي اليڪشن لاءِ اڄ قومي اسيمبلي، سينيٽ ۽ چئني صوبائي اسيمبليز جا ميمبر ووٽ ڪاسٽ ڪندا. ٻئي پاسي هڪ خانگي چئنل سان ڳالهائيندي محمود خان اچڪزئي چيو آهي ته ممڪن آهي ته صدارتي چونڊن کان هٽي ڪري ڪجهه وڌيڪ ڪم ڪري سگهون، سندس چوڻ هو ته پارليامينٽ ۾ اهڙا ميمبر موجود آهن جيڪي پاڻ فيصلا ڪري سگهن ٿا، اسين ڇو پنهنجا ڪپڙا وڃي ڪري عدالتن ۾ ڌوئون،پارليامينٽ ۾ ويٺل ماڻهو پاڪستان کي هلائي سگهن ٿا، هن چيو ته منهنجو ايمان آهي ته نواز شريف جي دل به چوندي هوندي ته صدارتي چونڊ ۾ محمود کي ووٽ ڏيان،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.