لاهور( م ڊ) قومي اسيمبلي جي مخصوص سيٽن تي آيل 4 ميمبرن ۽ پنجاب اسيمبلي ۾ مخصوص سيٽن تي چونڊيل 24 ميمبرن حلف کڻي ورتو،قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق قومي اسيمبلي جي مخصوص سيٽن تي آيل چئن ميمبرن کي حلف کڻايو ، قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر اياز صادق جي صدايت هيٺ ٿيو جنهن ۾ مخالف ڌر مخصوص سيٽن تي عورت ميمبرن جي حلف تي اعتراض واريو.ان دوران اسپيڪر مخصوص سيٽن تي آيل چئن ميمبرن کان حلف ورتو جنهن ۾ جيمز اقبال، نيلم حيات، نتاشا دولتانا ۽ ثمينا خالد شامل آهن.هوڏانهن پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر ملڪ احمد خان عورتنجي 21 ۽ اقليتن جي 3 مخصوص سيٽن تي چونڊيل ميمبرز کي حلف کڻايو، اپوزيشن جو سخت احتجاج، گوڙ ۽ نعريبازي ڪئي وئي، سني اتحاد ڪائونسل ۾ شامل پي ٽي آءِ جي حمايت يافته ميمبرز پاران اسپيڪر جي ڊائيس جو گهيراءُ ڪيو ويو، اپوزيشن اڳواڻ راڻا آفتاب چيو ته مخصوص سيٽن وارو ڪيس عدالت ۾ هئڻ سبب پنجاب حڪومت اُٻهرائي ۾ ميمبرن کي حلف کڻايو،سني اتحاد ڪائونسل جون سيٽون ٻين جماعتن ۾ ورهائڻ ۽ انهن ميمبرز کي حلف کڻائڻ وڏي ناانصافي آهي.