محسن نقوي چوڌري شهباز ڪيس ۾ ڄاڻي واڻي صغير ٻارن کي ملڪيت کان محروم ڪيو

اسلام آباد(م ڊ) محسن نقوي چوڌري شهباز ڪيس  ۾ ڄاڻي واڻي صغير ٻارن کي ملڪيت کان محروم ڪيو، سندس اڳيان جج جو لفظ استعمال نه ٿو ڪري سگهجي. سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي جج مظاهرعلي اڪبر نقوي خلاف سپريم جڊيشل ڪائونسل جي راءِ جو وڌيڪ مواد سامهون اچي ويو آهي. سپريم جڊيشل ڪائونسل جي راءِ موجب مظاهر علي اڪبر نقوي تي لڳ ڀڳ 5 الزام ثابت ٿيا، اهو نٿو چئي سگهجي ته انهن ۾ ڪا لالچ ناهي. سپريم جڊيشل ڪائونسل پنهنجي راءِ ۾ چيو آهي ته مظهر علي نقوي جي دور ۾ پهچ هئي، جسٽس (ر) نقوي پنهنجي دور ۾ آفيس ۽ ذاتي معاملن ۾ نامناسب رهيو، آفيس ۽ ذاتي معاملن ۾ نامناسب رويو به ضابطا اخلاق 3 جي ڀڃڪڙي آهي. جڊيشل  ڪائونسل موجب مظهر نقوي جا عمل ذاتي مفادن تي ٻڌل هئا.چوڌري شهباز ڪيس ۾ ذاتي مفادن سبب هن ڄاڻي واڻي نابالغ ٻارن کي قيمتي ملڪيتن کان محروم ڪيو.هن پنهنجي دور ۾ قيمتي تحفا حاصل ڪيا جن جي ڪابه وضاحت ناهي.

 

تحفي ۾ 50 لک، پٽن پاران گهٽ قيمت تي 2 ڪمرشل ۽ رهائشي پلاٽن جي خريداريءَ به ان ۾ شامل آهي. جڊيشل ڪائونسل راءِ ڏني ته جسٽس نقوي ضابطا اخلاق جي ڪيترين ئي ڀڃڪڙين سان عدليه جي ساک کي متاثر ڪيو، هو سنگين بدانتظامي جو ڏوهي آهي ۽ سندس بدانتظامي سبب جج جو اصطلاح نقوي سان نه جوڙيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.