ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ 4 ورهين جي ٻارڙي سميت ٻين شهرين جي آزادي بابت درخواستن تي ٻڌڻي، گم ٿيل 4 ورهين جي ٻارڙي جا ماءُ پيءُ عدالت ۾ پيش ٿيا، ٻارڙيءَ جي ماءُ چيو ته 4 ورهين جي ٻارڙي 14 آگسٽ تي قائد اعظم جي مزار تان گم ٿي هئي، 6 مهينا ٿي چڪا آهن هيل تائين ٻارڙي جو پتو ناهي پئجي سگھيو، سچل مان گم ٿي ويل شخص جا وارث به سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيا.
عدالت جو جاچ آفيسر کان پڇاڻو ٻارڙيءَ ۽ ٻين جي آزادي لاءِ ڪهڙا قدم کنيا ويا آهن؟ جاچ آفيسر چيو ته جي آءِ ٽيز جا ڪيترائي اجلاس ٿي چڪا آهن، گم ٿيلن جي آزادي جون ڪوششون جاري آهن، عدالت ڊي ايس پي سان مخاطب ٿيندي چيو ته ٻارڙي کي بازياب ڪرائڻ جا ذميوار اوهان آهيو، عدالت ٻارڙيءَ کي عيد کان اڳ بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.