ڪراچي کان گوادر ٽو زاهدان تائين ريلوي لائين وڇائڻ تي ڳالهيون

ڪراچي ( رپورٽر ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ايران جي سفير رضا اميري مغل جي ملاقات. ملاقات دوران  ايران جي قونصل جنرل حسن نورين ۽ وڏي وزير جو سيڪريٽري رحيم شيخ پڻ موجود ھئا. ايران جي سفير مراد علي شاهه کي ٽيون ڀيرو وڏو وزير ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني. ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن، واپار ۽ ٽريفڪ نظام کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ سميت ڪراچي کان گوادر ٽو زاهدان تائين ريلوي لائين وڇائڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ان موقعي تي ايران جي سفير چيوتھ ڪراچي ۽ چابهار بندرگاهه نھايت ئي اهم آهن. وزير اعليٰ سنڌ مراد علي شاھھ چيو تھ پاڪستاني عوام ايران کي وڏي عزت ۽ احترام جي نگاهه سان ڏسندو آهي، ايران ۽ پاڪستان پاڙيسري ۽ مسلمان ڀائر ملڪ آهن، ٻئي ملڪ واپار کي اڳتي وڌائي سگهن ٿا، مان ايراني ڪمپنين کي دعوت ڏيان ٿو ته اھي سنڌ ۾ گهٽ قيمتن تي هائوسنگ منصوبن ۾ ڪم ڪن، ايران سنڌ ۾ زرعي شعبي ۾ به ڪم ڪري سگهي ٿو. سنڌ جي وڏي وزير چيو تھ ٻنهي ملڪن وچ ۾ بينڪنگ سيڪٽر تي به ڪم ٿيڻ گهرجي، پاڪستان ۾ ايران جون بئنڪون هئڻ گهرجن ۽ ايران ۾ پاڪستان جون بئنڪون هئڻ گهرجن، بئنڪنگ سيڪٽر جي قيام سان زائرين ۽ واپارين کي سهولت ملندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.