ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنڇ سڪرنڊ لڳ ڳوٺ ماڙي جلباڻي ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن۽ پوليس پاران گهرن ۾ داخل ٿي ڳوٺاڻن کي قتل ڪرڻ ۽زخمي ڪرڻ واري معاملي ۾ جوابدارن جي گرفتاري ۽ جاچ بابت درخواست جي ٻڌڻي ڪئي .عدالت ۾ ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد ، جاچ آفيسر ۽ٻيا عملدار عدالت ۾ پيش ٿيا.شھيد بينظير آباد جي ڊي آءِ جي عبوري رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي .رپورٽ ۾ چيو ويو ته جوابدارن جي ڳولا لاءِ مختلف قدم کنيا پيا وڃن، ڪال رڪارڊنگ ۽ جيوفينسنگ جو پڻ جائزو ورتو پيو وڃي، ڊي آءِ جي جو رپورٽ ۾ موقف آهي ته جنهن بعد جوابدارن جو تعين ڪيو ويندو،پراسيڪيوٽر جنرل سنڌ عدالت ۾ چيو ته واقعي بابت درخواست غير موثر ٿي چڪي آهي، درخواست جڊيشل ڪميشن لاءِ داخل ڪئي وئي ھئي اي ٽي سي ۾ چالان جمع ٿي چڪو آھي، درخواستگذار جي وڪيل حيدرامام رضوي چيو ته رينجرز جا ڪمينٽس اچي ويا آهن پر اسان کي ڪاپي فراهم نه ڪئي وئي آهي.عدالت سنڌ جي پراسيڪيوٽر جنرل جي استدعا رد ڪري ڇڏي آهي .عدالت وڪيلن کي ڪمينٽس جي ڪاپي ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيوآهي . عدالت ڊي آءِ جي جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست رد ڪندي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.سرڪاري وڪيل جو چوڻ آهي ته ڊي آءِ جي جي پيشي سان پوليس جو ڪم متاثر ٿئي ٿو، عدالت جو ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته جاچ پوليس کي ڪرڻي آهي ۽ عدالت کي آگاهه ڪرڻو آھي، جيڪڏھن ڊي آءِ جي نه ايندو ته آءِ جي کي اچڻو پوندو، جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته انصاف لاءِ جنھن کي به گھرائڻو پوندو ان کي گھرائينداسين، عدالت سرڪاري وڪيلن جي درخواست تي ٻڌڻي 28 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي .واضح رهي ته سڪرنڊ جي ڳوٺ ماڙي جلباڻي سانحي ۾ ڌاڙيلن جي ڳولا دوران قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ء پوليس جي فائرنگ ۾ 4 ڳوٺاڻا قتل ٿي ويا ھئا ۽ عورتن سميت 12 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا ھئا.سنڌ بار ڪائونسل جي اڳوڻي وائيس چيئرمين ذوالفقار خان جلباڻي واقعي جي جوڊيشل انڪوائري ڪرائڻ لاءِ درخواست داخل ڪرائي آهي.