لاهور(م ڊ) سني اتحاد ڪائونسل جي چيئرمين صاحبزاده حامد رضا مخصوص سيٽون نه ملڻ واري فيصلي کي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو. سُني اتحاد ڪائونسل جي چيئرمين طرفان داخل درخواست ۾ اليڪشن ڪميشن کي ڌر بڻايو ويو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن نه ٽربيونل آهي ۽ نه ئي عدالت. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته سني اتحاد ڪائونسل کي پنجاب اسيمبلي ۾ سيٽن جي تناسب سان مخصوص سيٽون ملڻ گهرجن. سني اتحاد ڪائونسل اليڪشن وڙهڻ يا نه وڙهڻ سان ڪو فرق نٿو پوي. صاحبزاده حامد رضا جي درخواست ۾ اهو به چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن جو عمل آئين ۾ ترميم ڪرڻ جي برابر آهي، اليڪشن ڪميشن جو فيصلو سندس اختيار کان ٻاهر آهي.