هر سال 8 مارچ جي تاريخ کي گڏيل قومن جي اداري پاران عالمي ڏينهن ڪري ملهايو ويندو آهي، جنهن جي اها معنيٰ بلڪل به ناهي ته ڪو سال جا باقي ڏينهن عورتن جا ناهن. اصل ۾ اهي عالمي ڏينهن ڀيٽا طور مخصوص ڪيا ويندا آهن جنهن جو بنيادي مقصد انهن ڏينهن جي مناسبت سان مجموعي طور جائزو وٺڻ، احتساب جو ماحول ٺاهڻ ۽ ان ڏس ۾ ڪجهه سوچڻ، ڪرڻ ۽ ويچارڻ هوندو آهي.
اها تمام بهترين روايت آهي جنهن جي ضرورت ۽ اهميت وقت گذرڻ سان وڌندي ئي وڃي ٿي. سڄي سال ۾ جيڪڏهن هڪ ڏينهن ماءُ، پيءُ، ڀينرن، ڀائرن، استادن، شاگردن، مزدورن، درياهن، مادري ٻولين وغيره جو ملهايو وڃي ٿو ته ان جو مقصد نه رڳو انهن کي ياد ڪرڻ ۽ ڀيٽا ڏيڻ هوندو آهي پر ان جي مجموعي صورتحال جو جائزو وٺي ان روشني ۾ اڳتي لاءِ ڪجهه ڪرڻ هوندو آهي. مثال طور 8 مارچ تي عورتن جو عالمي ڏينهن ملهايو وڃي ٿو ته گڏيل قومن پاران هر سال ان کي ڪو عنوان ڏنو ويندو آهي مثال طور ڪجهه سال اڳ نعرو ڏنو ويو ته ”منهنجو جسم منهنجي مرضي“. گڏيل قومن اهو سال ان عنوان تحت ڇو ملهايو ان جي معلومات وٺڻ بنا الٽو ان کي غلط رخ ۾ پيش ڪيو ويو. ائين هن سال جو نعرو آهي ته ”عورت تي سيڙپ ڪريو ۽ ترقي کي تيز ڪريو“ يعني عورتن کي معاشي معاملن ۾ استعمال ڪريو.
ٻيو ته گڏيل قومن جي ملهايل ان عالمي ڏينهن جي موقعي تي اخبارون ايڊيشن ڪڍنديون آهن، خاص مضمون، ڪالم ۽ ايڊيٽوريل لکيا ويندا آهن. ٽي وي ۽ ريڊيو ته ان ڏينهن جي مناسبت سان خاص پروگرام ڪيا ويندا آهن. سيمينار، ڪانفرنسون ۽ ريليون ڪڍيون وينديون آهن. جنهن جو مقصد عورتن جي موضوع تي ويچارڻ هوندو آهي ته سماج اندر کيس جيئڻ جا بنيادي حق مليل آهن يا نه. کيس هڪ انسان جي حيثيت ۾ ڏٺو وڃي ٿو يا نه. يا اڄ به جهالت واري دور جيان کين ڄمندي جيئري دفن ڪيو وڃي ٿو. عورت کي هن دنيا اندر مردن وانگر آزاد، خودمختيار نموني زندگي گذارڻ جو حق ڏنو وڃي ٿو. انهيءَ پس منظر ۾ اهو به ڏٺو ويندو آهي ته عورت سماجي ۽ ڪاروباري ترقي ۾ ڪيترو اڳتي وڌي آئي آهي. اهي ڪهڙيون طاقتون آهن جيڪي سندس سماجي آزادي، خودمختياري ۽ ترقي ۾ رڪاوٽ بڻيل رهيون آهن. هونئن ته سڄو سال عورتن جي ان موضوع تي ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ ادب، ڊرامن، فلمن، ٽاڪ شوز اسٽيجن تي، سيمينارن، پروگرامن، ڪانفرنسن ۾ ڳالهايو ويندو آهي پر 8 مارچ تي اهو سڀ زوردار نموني ٿيندو آهي ڇاڪاڻ ته اهو ڏينهن مخصوص ئي عورتن لاءِ هوندو آهي.
اسان جو خيال آهي ته ڪنهن به سماج ۾ عورت جي سماجي قبوليت، حيثيت ۽ مڃتا جو دارومدار تعليم ۽ ترقي پسند شعور تي هوندو آهي. عام طور تي تعليم يافته ۽ ترقي پسند شخصيتون گهراڻا خاندان عورتن جي حقن جو خيال ڪندا آهن. تعليم يافته ۽ ترقي پسند ماڻهن ئي اڳتي هلي عورتن جي حقن جون ڌار تنظيمون ٺاهيون جن ۾ انقلابي سياسي جماعتن جو وڏو هٿ سمجهيو ويندو آهي. مذهبن ۾ به عورتن جا حق طئي ٿيل آهن پر پوءِ به هن جديد دور ۾ 21 هين صدي ۾ هئڻ باوجود ڏسجي ته عورتن جي حوالي ۾ اسان جي سوچ اڄ به پسمانده آهي، پٺتي پيل آهي.
اڄ به دنيا جا ڪافي حصا جهالت جي زندگي گذاري رهيا آهن، وقت سان تعليم وڌڻ بدران گهٽجڻ لڳي آهي. ڏورانهن علائقن ۾ عورتن جي آزادي خودمختياري ۽ سندس حقن جو ڪو تصور ناهي. اڄ به ڇوڪرين جي ڄمڻ تي ارهائي محسوس ڪئي وڃي ٿي، منهن خراب ڪيا وڃن ٿا. اڄ به مرداڻو سماج بالادست آهي جنهن ۾ عورت آزادي سان ساهه به ناهي کڻي سگهندي، نه وڏي واڪي ڳالهائي سگهي ٿي، نه کلي سگهي ٿي نه روئي سگهي ٿي. اڄ به مردن جي آبادي جو وڏو حصو عورتن جي تعليم ۽ نوڪرين جي خلاف آهي، اڄ به کيس پسند تي شادي ڪرڻ جي اجازت نٿي ڏني وڃي، اڄ به کيس پردن ۽ ڪوٽن ۾ بند رکڻ کي ترجيح ڏني وڃي ٿي.
عورتن جو اڄوڪو عالمي ڏينهن ان موضوع تي ڳالهائيندو ۽ ان صورتحال جو جائزو وٺندو. جن سماجن ۾ تعليم جو تناسب وڌيڪ آهي، شعور وڌيل آهي انهن سماجن ۾ عورتن کي مردن وانگر جيئڻ جي آزادي مليل آهي خاص ڪري يورپي ملڪ ته گهڻو اڳ ئي انهيءَ ماحول مان نڪري چُڪا آهن پر اسان جي ترقي پذير ملڪن ۾ عورتن جي آزادي، خودمختياري ۽ مردن جي برابر سمجهڻ واري مقام تائين رسڻ ۾ لڳي ٿو ته اڃا صديون لڳنديون. سال 2024 ۾ ملهايل عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي عورتن جي رتبي جي اها حيثيت آهي جنهن جي معنيٰ اها آهي ته اڄ به مرداڻي سماج جي بالادستي قائم آهي ۽ ان مرداڻي سماج واري بالادستي جي جنڊ ۾ اڄ به عورت جو وجود پيڙجي رهيو آهي.
اڄ به عورت لاءِ آئيڊيل سماج جڙي نه سگهيو آهي جنهن لاءِ جدوجهد اڃان جاري آهي. اسان جو خيال آهي ته جيتري تعليم عام ڪئي ويندي، ترقي پسند ۽ روشن خيال سماج تعمير ڪيو ويندو ته يورپ جي ملڪن وانگر اسان جي سماج اندر به عورتن کي مردن وانگر آزاد ۽ خودمختيار زندگي گذارڻ جو حق ملي ويندو تنهن ڪري پنهنجو خيال آهي ته انهن پاسي وڌيڪ ڌيان ڏنو وڃي.
عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي اسان سڀني عورتن تنظيمن ۽ فيمينسٽ مردن جي جدوجهد کي سلام پيش ڪنداسين جن عورتن کي جيئڻ جا بنيادي حق ڏيارڻ جي جدوجهد پئي ڪئي آهي. اسان گڏيل قومن جي اداري جا به ٿورائتا آهيون جنهن عورتن جي سماجي مقام کي سمجهائڻ لاءِ هر سال عالمي ڏينهن مخصوص ڪيو آهي.
گڏيل قومن اڄوڪي ڏينهن لاءِ عورت تي سرمائيڪاري ڪرڻ جو جيڪو نعرو ڏنو آهي تنهن جي پڻ اسان آجيان ڪيون ٿا. ان عمل سان اڄ جي عورت کي اهو احساس ٿيندو ته سماج جي ترقي ۾ سندس به حصو آهي.