ذوالفقار علي ڀٽوشهيد سان انصاف جومقدمو !

تحرير: علي محمد ميمڻ

ملڪ جي جمهوري پارلياماني نظام ۽  وفاقي جمهوري 1973ع واري آئين جي بانيڪار ملڪ جي اڳوڻي صدر ۽ وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو شهيد جي ملڪ ۽ وفاق لاءِ خدمتن ۽ پنهنجي سموري سياسي زندگي جي جدوجهد ۽ ملڪ لاءِ هرهڪ شعبي ۾ سڌارن، واڌارن، جوڙجڪ ۽ عوامي مفاد جي هر هڪ شعبي ۾ ڪيل بي مثال حاصلات جي جيتري به مڃتا ڪجي ۽قائد عوام شهيد جي خدمتن،علم ۽ فضيلت، ملڪ ۽ دنيا جي هن عالمي قدآور شخصيت  کي جيتري به ڀيٽا پيش ڪجي اها گهٽ آهي.  ملڪ ۽ قوم جي هن مخلص رهنما سان اسان جي ملڪ ۾ ڪهڙو ورتاءُ ڪيو ويو ۽ هن عظيم شخصيت ۽ ملڪ جي چونڊيل وزير اعظم جي عوامي ۽ جمهوري حڪومت خلاف ان وقت جي آرمي چيف جنرل ضياء الحق طرفان جهڙي ريت ملڪ جي آئين ۽ جمهوريت خلاف بغاوت ڪئي ويئي ۽ حڪومت جو تختو اونڌو ڪر ملڪ ۾ مارشل لاءِ لاڳو ڪئي وئي ۽ محسن ڪشي واري بدنما مثال قائم ڪئي وئي ۽ ملڪ جي حقيقي هيرو ۽ عوام جي محبوب ليڊر کي قيد ڪري قتل جي  هڪ فرضي ڪيس ساز باز ڪري ملڪ جي عدالتي نظام ۾ کاٽ هڻي، عدالتن جي فرضن ۾ مداخلت ڪري ججن کي پاڻ سان شامل ڪري انصاف جي برخلاف فيصلا ڪرايا ويا ۽ انصاف ۽ قانون جي قتل ڪرڻ بعڊ قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو کي پهرين لاهور هاء ڪورٽ مان ڦاسي جي سزا ڏياري ويئي ۽ ان بعد ساڳي ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي فرضن ۾ پڻ مداخلت ڪئي ويئي ۽ قائد عوام کي ملڪ جي اعلي عدالتن مان جهڙي ريت بي گناهه ڦاسي جي سزا ڏياري ۽ جهڙي ريت هيڏي وڏي ناانصافي ۽ ظلم ڪيو ويو. دنيا جي انصاف  ۽ قانون جي عالمي ادارن طرفان ملڪ جي معزول وزير اعظم ۽ بي گناهه انسان جوناحق خون ڪرڻ  واري سانحي کي عدالتي قتل جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو.

قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو جي عدالتي قتل  واري سانحي کي لڳ ڀڳ چاليهه سالن جو عرصو ٿي چڪو اهي ۽ انهيءَ ڪيس ۾ ملڪ جي عدالتن تي لڳل ناانصافي وارو داغ سموري ملڪ ۽ ملڪ جي ڪروڙيڻ عوام طرفان يڪراء ”انصاف لاءِ فرياد“ جي علامت بڻيل رهندو پئي آيو. آخرڪار  گذيل ڏينهن   سپريم ڪورٽ اڳوڻي وزيرِاعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي عدالتي قتل بابت صدارتي ريفرنس تي پنهنجو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ نوَ رڪني لارجر بئنچ ڀٽو صدارتي ريفرنس بابت داخل درخواست جي سالن کان رڪيل ٻڌڻي تي جيڪو فيصلو ٻڌايو آهي ان موجب، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جو چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ جي راءِ تي سمورن 9 ججن جو اتفاق آهي ته ذوالفقار علي ڀٽو کي آئين موجب شفاف ٽرائل جو موقعو نه مليو. يعني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو بابت ڪيس خلاف قانون ۽ ناانصافي تي ٻڌل ۽ مارشل لاءِ حڪومت ۽ آمر جنرل ضياء جي مداخلت ۽ دٻاءُ جو نتيجو تسليم ڪيو ويو.

چيف جسٽس  جو چوڻ هو ته شهيد ڀٽو کي سزا آئين ۾ ڏنل بنيادي حقن موجب نه هئي، ذوالفقار علي ڀٽو جو ٽرائل شفاف نه هو. سپريم ڪورٽ ڀٽو ڪيس بابت صدارتي ريفرنس تي راءِ ٻڌائيندي چيو آهي ته چيف جسٽس چيو ته، ڀٽو جي سزا جو فيصلو تبديل ڪرڻ جو ڪوبه قانوني طريقيڪار موجود ناهي، ذوالفقار علي ڀٽو جو ٽرائل آئين ۽ قانون موجب ناهي ٿيو. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جو چوڻ هو ته، جج قانون موجب فيصلا ڪرڻ جا پابند آهن، جيستائين پنهنجون غلطيون تسليم نه ڪنداسين، تيستائين پاڻ کي درست نٿو ڪري سگهجي. شهيد ڀٽو ڪيس بابت صدارتي ريفرنس جي ٻڌڻي ڪندڙ لارجر بئنچ جي مانائتن سمورن 9 ججن کي سلام آهي جن همت ۽ جرئت سان يڪراء پنهنجو فيصلو ڏيئي سپريم ڪورٽ ۽ملڪ جي عدالتي نظام تي لڳل داغ کي ميسارڻ ۽ شهيد ڀٽو جي ڪيس بابت رڪارڊ درست ڪرڻ وارو فيصلو ڏيئي عدالتن جي غلطين کي مڃڻ ۽ درست ڪرڻ ذريعي جمود جي  شڪار ملڪ کي  بي اعتمادي ۽ ويساهه گهاتين واري ڌٻڻ مان ٻاهر ڪڍڻ ۽ اڳتي وڌڻ وارو جيڪو موقعو مهيا ڪيو آهي اهو يقينن ساراهه جوڳو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.