سنڌ هاءِ ڪورٽ عمارت ڊاهڻ واري پهرين حڪم تي عمل معطل ڪري ڇڏيو

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس صلاح الدين پنهور تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ لياري ۾ غير قانوني طور 60 گز تي 6 ماڙ عمارت  کي ڊاھڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، عدالت عمارت ڊاهڻ واري پهرين عدالتي حڪم تي عملدرآمد معطل ڪري ڇڏيو، عدالت شهرين جي ڌر بڻجڻ جي درخواست منظور ڪري ورتي، جسٽس نديم اختر جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ رام سوامي واري علائقي ۾ عمارت کي غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو ھو. رام سوامي علائقي ۾ 60 گز تي 6 ماڙ عمارت ٺاهي وئي آهي، امير حمزه آرڪيڊ جي رهواسين موقف اختيار ڪيو ته اسان جو موقف نه ٻڌو ويو، عمارت ڊاهي وئي ته اسان جو سڀ ڪجهه تباهه ٿي ويندو، گذريل ٻڌڻي تي عدالت ايس بي سي اي کي عمارت ڊاهي پٽ ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، عدالت عمارت ڊاهڻ جو حڪم معطل ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي اپريل جي ٻئي هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.