اسيمبلين جون سيٽون ڪروڙن ۾ وڪرو ٿيون: سراج الحق

لاھور(پ ر) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته مظلومن غذا جي حق ۾ 10مارچ تي اسلام آباد ۾ آب پارہ چوڪ کان آمريڪا  جي سفارتخاني تائين مارچ ڪيو ويندو. چونڊيل وزيراعظم پنهجي پهرين خطاب ۾ مظلوم فلسطينين جو نالو ئي نه کنيون. عوام جنهن مان جان ڇڏائڻ لاءِ ووٽ ڏنو فارم 47جي ذريعي انهن کي ئي اقتدار ۾ آڻيو ويو. اليڪشن 2024 اليڪشن 2018جو ايڪشن ريپلي هيو. جن کي ڌانڌلي جي شڪايت آهي اهي به اسيمبلي ڇڏي جماعت اسلامي سان گڏجي وڃن ۽ احتجاج ۾ گڏجي وڃي. اسان جو مينڊيت چورايو ويو عدالتي ڪميشن جي ذريعي اليڪشن آڊٽ ڪرائي وڃي. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته 25ڪروڙ عوام ڪرب ۾ مبتلا آهي اليڪشن نتيجا عوام جي ووٽ  خلاف ڏنا ويا. ڪروڙن ۾ سيٽون خريد ڪيون ويون پهريان ووٽ چوري ڪيا ويا

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.