شبلي فراز منظر تي اچي ويو، رڳو ساهه کڻڻ جو حق باقي آهي: پي ٽي آءِ سينيٽر

پشاور (م ڊ) گهڻي عرصي کان منظر تان گم تحريڪ انصاف سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته رڳو ساهه کڻڻ جو حق باقي آهي، پشاور ۾  صحافين سان ڳالهائيندي شبلي فراز چيو ته مخصوص سيٽن کي ڇڏيو، ڪهڙو ڪهڙو حق ناهي کسيو ويو؟ رڳو هڪ ساهه کڻڻ جو حق باقي آهي، هن چيو ته مهانگائي وڌندي، ڇو ته مهانگائي آڻڻ انهن جي ايجنڊا ۾ شامل آهي، پشاور جي عدالت شبلي فراز جي ڪيسن جا تفصيل فراهم ڪرڻ بابت درخواست تي نيب کان لکت ۾ رپورٽ 13 مارچ تي طلب ڪري ورتي، عدالت ۾ ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل ۽ ايڊيشنل ڊپٽي پراسيڪيوٽر نيب چيو ته شبلي فراز خلاف ڪي پي حڪومت ۽ اينٽي ڪرپشن کاتي جو ڪو به ڪيس نه آهي، نيب ۾ به ڪا انڪوائري ناهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.