لاهور ۾ پوليس طرفان ”حلوا“ لکيل پوسٽر کڻي شهربانو جي اڳواڻي ۾ ريلي

لاهور (م ڊ) لاهور ۾ پوليس طرفان اي ايس پي شهربانو نقوي جي سربراهي ۾ عورتن جي آگاهي ريلي ڪڍي وئي، جنهن جون وڊيوز ۽ توصرون  وائرل ٿي ويون، اي ايس پي شهربانو نقوي جي سربراهي ۾ ڪڍيل آگاهي ريلي ۾ عورتن جي هٿن ۾ عربي لفظ حلوه جا پوسٽرز کنيل هئا، آگاهي واڪ ۾ پنجاب پوليس جا اعليٰ آفيسر ۽ مختلف شعبن سان واسطو رکندڙ عورتون به شريڪ ٿيون، ريلي جي سربراهي اي ايس پي شهربانو ڪئي، اي ايس پي شهربانو خطاب ڪندي چيو ته لاهور ۾ عربي لفظ لکيل لباس پائڻ تي عورت مٿان 200 ماڻهن حملو ڪيو ته اُتي موجود ٻين 600 ماڻهن عورت جي مدد ڇو نه ڪئي، هن چيو ته ماڻهن جي حفاظت ڪرڻ يقينن پوليس جو ڪم آهي پر عام ماڻهن جي به ذميواري آهي ته هو پنهنجي آسپاس جي ماڻهن جي حفاظت ڪن، گذريل هفتي لاهور ۾ عربي لفظ لکيل لباس پائڻ تي هڪ عورت مٿان مبينه توهين مذهب جو الزام هڻي هجوم طرفان مارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي، ان عورت کي اي ايس پي شهربانو بچائي ورتو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.