سياسي قيدين جي آزادي کانسواءِ مفاهمت جي ڳالهه منافقت آهي: فواد چوڌري جو طنز

راولپنڊي (م ڊ) اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته سياسي قيدين جي آزادي کانسواءِ مفاهمت جي ڳالهه منافقت آهي، فواد چوڌري کي راولپنڊي جي اينٽي ڪرپشن جي عدالت ۾ جج علي نواز بکر جي آڏو پيش ڪيو ويو، فواد چوڌري عدالت ۾  پيشي جي موقيع تي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته شهباز شريف جي مفاهمت واري ڳالهه سٺي آهي پر هزارين ماڻهو جيلن ۾ هجن ته مفاهمت جي ڳالهه وڏي منافقت لڳندي آهي.

  1. اغوا ناهي ڪيو ويو: گم ڄاڻايل صائمه بي بي عدالت ۾ پيش

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ۽ جسٽس خادم حسين تنيو تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ گم ٿيل صائمه بيبي ۽ سندس 6 ورهين جي نينگر جي آزادي بابت درخواست  تي ٻڌڻي ڪئي، صائمه بي بي جو مڙس ۽ وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيا، درخواستگذار جي وڪيل چيو ته صائمه بي بي پنهنجي مڙس ۽ ٻار سميت محمود آباد ۾ رھائش پذير آھي، 2022ع کان وٺي صائمه بيبي 6 ورهين جي نينگر سميت گم آهي، اسان کي گمراهه ڪري ملتان موڪليو ويو آهي  ملتان هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي پر صائمه بي بي کي پيش نه ڪيو ويو، ملتان هاءِ ڪورٽ اسان کي ڪراچي موڪليو ۽ ٻڌايو ويو ته هي ڪراچي جو ڪيس آهي، پوليس رپورٽ موجب صائمه بي بي ملتان هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿي ۽ موقف اختيار ڪيو ته کيس اغوا ناهي ڪيو ويو، هوءَ پنهنجي مرضي سان ملتان آئي آھي، عدالت جاچ آفيسرن ۽ ٻين ڌرين کي چئن ھفتن ۾ جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

  1. ڪراچي پوليس طرفان ڪارروايون، هڪ ڏوهاري مارجي ويو، هڪ زخمي

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ پوليس جون ڪارروايون ڪندي، مقابلي ۾ ھڪ ڏوھاري مارجي ويو ھڪ کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، جمشيد  ڪوارٽر ٿاڻي جي پوليس موجب جھانگير روڊ تي واقع يوٽيلٽي اسٽور جي ڀرسان پوليس ۽ لياري گينگ وار جميل جھانگا ۽ احمد علي مگسي گروپ جي ڏوهارين وچ ۾ پوليس مقابلي جي دوران فائرنگ جي ڏي وٺ بعد پوليس جي جوابي فائرنگ جي نتيجي ۾ لياري گينگ وار جو جوابدار معراج ولد منير مارجي ويو، پوليس موجب مارجي ويل جوابدار سي ٽي ڊي، ڪلاڪوٽ، عيد گاھ ٿاڻي جي علائقي ۾ قتل اغوا سميت ڪيترن ئي ٻين ڏوھن ۾ ملوث رھيو آهي.

  1. عدالت پاران  اڊيالا جيل جي سپرٽينڊنٽ تي ڏنڊ لڳائڻ جو اشارو

اسلام آباد(م ڊ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ باني سان وڪيل ۽سياسي مددگارن جي ملاقات ڪرائڻ جي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي اڊيالا جيل جي سپرٽنڊنٽ تي ڏنڊ لڳائڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس سردار  اعجاز اسحاق  خان، سينيٽر فيصل جاويد جي پي ٽي آءِ باني جي اڊيالا جيل ۾ملاقات لاءِ داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، درخواست گذار جي وڪيل شيراز احمد رانجها  عدالت ۾ پيش ٿيو، عدالتي حڪمن تي ڊپٽي ۽ اسسٽنٽ سپريٽنڊنٽ اڊيالا جيل به عدالت ۾ پيش ٿيو، وڪيل موقف ڏنو ته 26 فيبروري تي هن عدالت اڊيالا جيل جي سپرنٽنڊنٽ تي پي ٽي آءِ باني سان وڪيل ۽ سياسي مددگارن جا ملاقات ڪرائڻ جا حڪم ڏنا هئا، اڊيالا جيل جي سپرينٽنڊنٽ پاران لاڳيتو پي ٽي آءِ باني سان لاڳيتو ملاقات ڪرڻ جي اجازت نه پئي ڏني وڃي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.