فوج جو چونڊ عمل سان ڪو به تعلق نه هو: ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس\9 مئي واقعن جي ذميوارن کي بخش نه ڪرڻ جو اعلان

راولپنڊي(م ڊ) پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته آرمي چيف عاصم منير جي صدارت هيٺ 263هين ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ چيو ويو  آهي ته پاڪستان جي هٿياربند فوج 2024ع جي عام چونڊن لاءِ عوام کي محفوظ ماحول فراهم ڪيو. ۽ ان کان وڌيڪ ته پاڪستاني فوج جو اليڪشن جي عمل سان ڪو به تعلق نه هو.ڪور ڪمانڊرز موجب فورم سمورن مشڪلاتن باوجود اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي مينڊيٽ موجب عام چونڊن ۾ پرامن ماحول فراهم ڪرڻ تي سول انتظاميا، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ سيڪيورٽي فورسز جي ڪوششن کي ساراهيو.بيان موجب فورم ان ڳالهه تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ته ”ڪجهه پر محدود سياسي عنصر، سوشل ميڊيا ۽ ميڊيا جا ڪجهه حصا مداخلت جا بي بنياد الزام لڳائي پاڪستان جي هٿياربند فوج کي بدنام ڪري رهيا آهن، جيڪو انتهائي قابل مذمت آهي.بيان ۾ چيو ويو  ته اها افسوس جي ڳالهه آهي ته ”گڊ گورننس، معاشي بحالي، سياسي استحڪام ۽ عوامي ڀلائي جي حقيقي مسئلن تي ڌيان ڏيڻ بدران اهڙين مفاد پرست عنصرن جو پورو ڌيان پنهنجي ناڪامين کي پٺي تي رکي سياسي عدم استحڪام ۽ غير يقيني صورتحال پيدا ڪرڻ تي ڏنل آهي،فورم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ”غير آئيني ۽ بي بنياد سياسي بيان بازي ۽ جذباتي اڀار ڪرڻ بدران ثبوتن سان قانوني عمل جي پيروي ڪئي وڃي،فورم مرڪز ۽ صوبن کي اقتدار جي جمهوري منتقلي تي اطمينان جو اظهار ڪيو.ڪور ڪمانڊرز اميد ظاهر ڪئي ته چونڊن کانپوءِ وارو ماحول پاڪستان ۾ سياسي ۽ معاشي استحڪام آڻيندو، جنهن سان امن ۽ خوشحالي ايندي.فورم ان ڳالهه تي پختو يقين رکي ٿو ته ’جمهوري استحڪام ئي ملڪ جي اڳتي وڌڻ جو رستو آهي.وزيراعظم پاڪستان جي ان عزم کي ورجائيندي فورم ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته 9 مئي سانحي جي سازش ڪندڙن، ڀڙڪائيندڙن، شهيدن جي يادگارن جي بي حرمتي ڪندڙن ۽ فوجي تنصيبات تي حملا ڪندڙن کي آئين مطابق قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. ان حوالي سان مسخ ٿيل، ابهام ۽ غلط معلومات پکيڙڻ تي ٻڏل ڪوششون بلڪل بيڪار آهن،ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن ڪجهه ناپاڪ عنصرن پاران معاشري ۾ مايوسي ۽ ورڇ وجهندڙن لاءِ ڦهلايل منظم ڪوڙين ۽ جعلي خبرن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو،فورم پاڪستان جي قابل فخر عوام تي زور ڀيرو ته اهي مثبت ۽ متحد رهن ۽ ملڪ جي تعمير ۽ ترقي ۾ دل ۽ جان سان حصو وجهن،فورم ان ڳالهه جو عزم به ورجايو ته پاڪ فوج پائيدار استحڪام، خوشحالي ۽ سلامتي جي سفر ۾ قوم جو دفاع ۽ خدمت هر ممڪن طريقي سان جاري رکندي، آرمي چيف فيلڊ ڪمانڊرز کي آپريشن دوران پيشيواراڻي مهارت، آپريشنل تياري ۽ حوصله افزائي جي اعليٰ معيار کي برقرار رکڻ ۽ فارميشن جي تربيت دوران بهترين ڪارڪردگي حاصل ڪرڻ تي زور ڀريو،فورم عزم ورجايو ته عسڪري قيادت چئلينجز ۽ خطرن کان پوري طرح باخبر آهي ۽ پاڪستان جي عوام جي حمايت سان پنهنجون آئيني ذميواريون نڀائڻ لاءِ پرعزم آهي، فورم سيڪيورٽي خطرن کي منهن ڏيڻ ۽ سماجي ۽ اقتصادي ترقي کي هٿي ڏيڻ ۾ حڪومت کي مڪمل سهڪار ڪرڻ جو عزم ورجايو،اسمگلنگ، ذخيره اندوزي، بجلي چوري، ون ڊاڪيومينٽ رجيم،سمورن غيرقانوني پرڏيهين جي باعزت ۽ محفوظ وطن واپسي سميت غيرقانوني سرگرمين کي روڪڻ ۾ ڀرپور مدد فراهم ڪئي ويندي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.