ڪراچي(عوامي آواز نيوز)اقليتن لاءِ مخصوص سيٽ جي حوالي سان سوشل ميڊيا تي سڄو ڏينهن ايم ڪيو ايم تي سنگين الزام لڳندا رهيا،ايم ڪيو ايم پاران مخصوص سيٽ تي ڊاڪٽر موهن منجياڻي جو نالو سڀ کان پهرين ڏنو ويو، سوشل ميڊيا تي اها ڳالهه عام آهي ته ايم ڪيو ايم پاران مخصوص سيٽن جو ريٽ 5 کان 10 ڪروڙ تائين رکيو ويو،ڊاڪٽر موهن ۽ ايم ڪيو ايم وچ ۾ اليڪشن کان اڳ مبينه طور 5 ڪروڙ رپين جي ڊيل ٿي هئي،جڏهن ته ايم ڪيو ايم واعدي جي ڀڃڪڙي ڪندي ڊاڪٽر موهن کان 5 ڪروڙ رپين جي گهر ڪئي جنهن تي ڊاڪٽر موهن جواب ڏنو ته پئسا سيٽ ملڻ کان پوءِ ڏنا ويندا،ايم ڪيو ايم پاران کيس ڌمڪيون ڏنيون ويون جنهن تي ڊاڪٽر موهن فرار ٿي دبئي جي اسپتال ۾ داخل ٿي ويو،چونڊن ۾ ايم ڪيو ايم کي جڏهن 17 سيٽون ملن ٿيون ته ڊاڪٽر موهن دبئي مان واپس اچي 5 ڪروڙ رپيا پارٽي فنڊ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي ٿو، پارٽي پاران پئسا وٺڻ کان انڪار ڪندي کيس ٻڌايو ويو ته پارٽي جي هڪ ٻئي ميمبر سنجي ڪمار پيرواڻي سان قرآن تي حلف کڻي 10 ڪروڙ رپين ۾ ڊيل لاڪ ٿي آهي،سنجي ڪمار رابطو ڪرڻ تي سمورن الزام جي ترديد ڪئي آهي،اليڪشن ڪميشن ڊاڪٽر موهن جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن 22 فيبروري تي جاري ڪيو، واٽس ايپ گروپن ۾ هلندڙ پيغام مطابق ايم ڪيو ايم اليڪشن ڪميشن ۾ ڊاڪٽر موهن جي جعلي صحيح سان سيٽ ڇڏڻ واري درخواست جمع ڪرائي ڇڏي پر اليڪشن ڪميشن جي ڊي جي لا متحده جي درخواست رد ڪري ڇڏي،متحده جي فروغ نسيم ٻيهر درخواست جمع ڪرائي ته اليڪشن ڪميشن جي ڊي جي لا سعيد گل جي ڊي جي ٽريننگ طور بدلي ڪئي وڃي ٿي،اليڪشن ڪميشن فروغ نسيم جي درخواست منظور ڪري ڊاڪٽر موهن جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن فوري طور معطل ڪري ڇڏيو،ڊاڪٽر موهن گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان اليڪشن ڪميشن سان 13 ڀيرا رابطا ڪري کين خاطري ڪرائي ته پارٽي جعلي درخواست جمع ڪرائي آهي، فروغ نسيم جو موقف هو ته موهن منجياڻي گواهن جي موجودگي ۾ سيٽ تان هٿ کنيو آهي،ڊاڪٽر موهن سيٽ خالي ڪرڻ کان انڪاري آهي، جڏهن ته ايم ڪيو ايم پاران پئسا وٺڻ جي آزاد ذريعن کان تصديق ناهي ٿي سگهي ٿي.