ايم ڪيو ايم پاران اقليتي ايم اين اي ڊاڪٽر موهن کان استعيفيٰ طلب

ڪراچي( م ڊ) ڊاڪٽر موهن بابت حساس ادارن جي رپورٽ تي کيس استعيفيٰ ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو، متحده قومي موومينٽ پاڪستان جي  رابطا ڪميٽي چيو آهي ته ايم ڪيو ايم اقليتي سيٽ تي قومي اسيمبلي جي چونڊيل ميمبر ڊاڪٽر موهن بابت حساس ادارن جي رپورٽ تي کيس استعيفيٰ ڏيڻ جو چيو ويوآهي. رابطا ڪميٽي چيو ته ڊاڪٽر موهن منجياني جي غير قانوني ۽ رياست مخالف سرگرمين ۾ ملوث هجڻ جا اطلاع آهن، رپورٽن مطابق اسلام آباد ۾ ڀارتي سفارتخاني ۾ به ڊاڪٽر موهن منجياني جون سرگرميون نوٽيس ڪيون ويون آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.