لاڙڪاڻو(رپورٽ: عبدالوحيد ابڙو) لاڙڪاڻي شهر جي دڙي ٿاڻي جي حد اسٽيشن روڊ تي موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن 28 سالن جي نوجوان کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، پوليس واقعي واري هنڌ پهچي پوسٽ مارٽم لاءِ لاش چانڊڪا اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، اسپتال ۾ مقتول نوجوان جي سڃاڻپ باڊهه واسي نوجوان زوهيب پنهور طور ٿي،
واقعي جو اطلاع وارثن کي پڻ ڏنو ويو، ان حوالي سان دڙي ٿاڻي جي پوليس رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته واقعو پراڻو دشمني لڳي رهيو آهي جنهن جو اطلاع وارثن کي ڏنو آهي ۽ واقعي جي مختلف رخن کان جاچ ڪري رهيا آهيون، تمام جلد اصل حقيقتون سامهون اچي وينديون، ٻئي پاسي پوسٽ مارٽم بعد مقتول جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو جتي لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.