سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو پرچو آئوٽ ڪندڙ مک جوابدار ظاهر، گرفتاري لاءِ ڇاپا

حيدرآباد (رپورٽر) سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران سيڪنڊري اسڪول ٽيچر جي پوسٽ لاءِ ٿيل امتحان پرچو اڳواٽ آئوٽ ٿيڻ واري معاملي جي جاچ دوران حيدرآباد پوليس مک جوابدار تائين پھچي وئي، جوابدار جي گرفتاري لاءِ سندس گھر تي ڇاپو، جوابدار فرار ٿي ويو. واضح  رھي ته گذريل ڏينهن سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران سيڪنڊري اسڪول ٽيچر جي پوسٽ لاءِ رٿيل امتحان جو پرچو اڳواٽ آئوٽ ٿيڻ بعد ڄاڻايل ٽيسٽ شروع ٿيڻ شرط ملتوي ڪيو ويو رڪارڊ جي جاچ مان اھا ڳالهھ ثابت ٿي آھي ته پرچو سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي اسسٽنٽ ڪنٽرولر امتحان زين العالم آئوٽ ڪيو، ايس ايس پي حيدرآباد امجد شيخ تصديق ڪندي ٻڌايو ته موبائل فون ريڪارڊ جي جاچ مان اھا ڳالھه ثابت ٿي آھي ته پرچو سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي اسسٽنٽ ڪنٽرولر زين العالم آئوٽ ڪيو، اھڙي ڳالهه ثابت ٿيڻ تي زين العالم جي گرفتاري لاءِ سندس گھر تي ڇاپو ھنيو ويو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.