ادارن پئسا وٺي غلام پارليامينٽ قائم ڪري ڇڏي: ايمل ولي خان

اسلام آباد(م ڊ)اي اين پي اڳواڻ ايمل ولي خان چيو آهي ته  ڪي پي ۾ بدترين ڌانڌلي ڪئي وئي،  ميڊيا ته فارم 45 ۽ فارم 47 جي جهيڙي ۾ لڳي پئي آهي، اهو ته اسٽيبلشمينٽ چاهي پئي،ان جهيڙي ۾ عوام کي شامل ڪيو ويو آهي،اسان سڀني جي اکين تي پٽي ٻڌل آهي، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته انهن چونڊن ۾ ڌانڌلي جي شروعات 9 مئي کان ٿي  آهي،ڪي پي ۾ 9 مئي واقعن ۾ ملوث ماڻهن کي  ڇانوڻين ۾ مهمان بڻايو وڃي ٿو،چونڊن تائين اهي ادارن جا مهمان بڻجي ويٺل رهيا ۽ 9 مئي ۾ ملوث ماڻهو ڪي پي ۾ حڪومت ٺاهين ٿا، وڏي وزير خلاف 9 مئي واقعن جا ثبوت آهن، پختون عمران نيازي جي محبت ۾ ايترا پاڳل ٿي ويا جو سندس پارٽي کي چونڊي ڇڏيندا، دهشتگردن جي حمايت سان اڳ ۾ پي ٽي آءِ کي حڪومت ڏني وئي، ٽيون ڀيرو کين اڪثريت سان حڪومت ڏني وئي، هي ڪهڙو جنون آهي جيڪو سنڌ، بلوچستان ۾ ختم آهي پر ڪي پي ۾ ختم ٿيڻ جو نالو نٿو وٺي،هن چيو ته هي اليڪشن اسان جي اسٽيبلشمينٽ جو هڪ بزنيس ماڊل لڳي پئي،اڄ حافظ ڇو چپ آهي، آراوز ذريعي اربين رپيا ڪمايا،پارليامينٽ جي ڪرسين جي ٻولي لڳي آهي،بلوچستان،سنڌ،پنجاب ۾ اسيمبلين جون سيٽون وڪرو ڪيون ويون، هڪ هڪ تڪ تان ٽي چار اميدوارن کان پئسا ورتا ويا، جنهن وڏي ٻولي لڳائي اهو کٽي ويو، باقي پئسا ڏيندڙ اميدوار روئي رهيا آهن، پشاور ۾ هڪ تڪ جي اميدوار جي ٻن هزارن جي ووٽن کي ڪروڙين رپين عيوض 22 هزار ووٽن ۾ تبديل ڪيو ويو، هڪ ميمبر جي 38 هزار ووٽن کي هڪ ڏئي هڪ لک 38 هزار بڻايو ويو،هن چيو ته پئسي جو چسڪو ايترو ته خراب آهي جو پشاور ۾ حيات آباد مان هڪ افغان شهري جنهن جو شناختي ڪارڊ بلاڪ آهي اهو پارليامينٽ جو ميمبر ٿي ويو ۽ نواز ليگ ۾ شامل ٿي چڪو آهي ،هن چيو ته پاڪستان مختلف قومن جو ملڪ آهي، آئين ٽوڙيندڙن خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي، ادارن ۾ ويٺل ماڻهو آئين سان کلواڙ ڪري رهيا آهن، ڪي ماڻهو گهڙي چور، توشا خانه چور هوندا پر ادارن اندر ويٺل ماڻهو ته قومي چور آهن، اسان جي ادارن جا عسڪري سيمينٽ،فوجي فائونڊيشن،چيونگم ۽ ٻيا 110 ڪاروبار آهن هاڻي انهن کي نئون ڪاروبار ملي ويو آهي، عسڪري پارليامينٽ ۽ عسڪري حڪومت جو، هن چيو ته ڪي پي ۾ 108 ميمبر چونڊجيا آهن توهان انهن کي 8 ڪروڙ سان ضرب ڪريو ته خبر پوندي ته هڪ صوبي ۾ رياست وارن ڪيترا پئسا ڪمايا آهن،ملڪ رياض ۽ ڊي ايڇ اي جو مقابلو سخت هلي رهيو آهي، قاضي فائز عيسيٰ عدالتي ڪميشن ٺاهي، پاڪستان ۾ ٻيا سڀ ادارا هڪ اداري جي غلامي پيا ڪن، جيڪڏهن قاضي فائز عيسيٰ سمجهي ٿو ته منهنجي اها ڳالهه غلط آهي ته هو پنهنجي سربراهي ۾  عدالتي ڪميشن جوڙي،رڳو ڪي پي جا ئي تڪ کوليا وڃن، حڪمراني جو محور عوام آهي، جنرل حڪمران ناهن، چوڪيدار کي چوڪيدار ٿي رهڻو پوندو،اسان لاءِ غلام پارليامينٽ ۾ رستا بند ڪيا ويا، اسان کي پنهنجي سياست کان ڪير به نٿو روڪي سگهي، اسان لاءِ ٻه رستا آهن يا توهان جي پيرين پئون يا توهان کي ڳچيءَ مان پڪڙيون،اها ڳالهه ته واضح آهي ته اسان ڪڏهن غلامي يا پير ناهن پڪڙيا ،ڪمزوري باوجود ڳچي ۾ هٿ ضرور وجهنداسين، اي اين پي اداري جي مداخلت خلاف تحريڪ هلائيندي،  جن جو ڪم بارڊر آهي اتي ئي رهن، وسيلن جو اختيار عوام کي ڏينداسين،ملڪ ۾ سول بالادستي جي تحريڪ هلائيندي، هن چيو ته اسان پاڪستان جي قيام کان وٺي تائين اڄ تائين هڪ به جنگ ناهي کٽي، ڪشمير وڃائي ڇڏيو، دفاع جي حالت اها آهي ته پاڪستان ۾ ڪو به ماڻهو محفوظ ناهي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.