شهيد ڀٽو صدارتي ريفرنس: سپريم ڪورٽ اڄ محفوظ ڪيل فيصلي تي راءِ ٻڌائيندي

اسلام آباد( م ڊ) سپريم ڪورٽ ذوالفقار ڀٽو ڪيس بابت صدارتي ريفرنس تي اڄ ٻڌڻي ڪري راءِ ٻڌائيندي ، سپريم ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار ڀٽو ڪيس بابت صدارتي ريفرنس جي ٻڌڻي اڄ ڪندي، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهيءَ ۾ 9 رڪني لارجر بينچ 4 مارچ تي صدارتي ريفرنس تي فيصلو محفوظ ڪيو هو،

 

ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاهي خلاف ريفرنس 2011ع ۾ داخل ڪيو ويو هو، سپريم ڪورٽ ۾ 2011 کان 2024 تائين ڪل 12 ٻڌڻيون ٿيون. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 9 رڪني بينچ 12 سالن کانپوءِ ڊسمبر 2023ع ۾ ٻڌڻي شروع ڪئي، ٻڌڻي بعد 9 رڪني بينچ 4 مارچ تي ٻڌڻي مڪمل ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.