آصف زرداري، بلاول ڀٽو ۽ مراد شاهه جي وزيراعظم سان ملاقات

اسلام آباد( م ڊ) اڳوڻي صدر آصف زرداري،پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ مراد علي شاهه نئين چونڊيل وزيراعظم شهباز شريف  سان وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي آهي، ٽنهي اڳواڻن وزيراعظم کي عهدو سنڀالڻ تي واڌايون ڏيڻ سان گڏ نيڪ خواهشن جو اظهار به ڪيو، سنڌ جي اهم معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ذريعن موجب آصف زرداري، بلاول ڀٽو زرداري ۽ مراد علي شاهه جي وزيراعظم سان ملاقات دوران حڪومت سازي ۽ سنڌ جي اهم معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف  ملاقات دوران سنڌ سرڪار سان ڀرپور سهڪار جو عزم ورجايو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.