اسلام آباد(م ڊ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس جي بندش جي خلاف درخواست پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق ٻڌڻي ڪئي، درخواست گذار شهري پاران وڪيل سردار مصروف خان ۽ آمنه علي عدالت ۾ پيش ٿيا، چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ڇا ايڪس بند آهي، وڪيل پاران ٻڌايو ويو ته 17 فيبروري کان حڪومت ايڪس تي پابندي هڻي ڇڏي آهي، چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته ان تي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ به فيصلو اچي چڪو آهي، وڪيل چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي عمل نه ڪرڻ تي توهين عدالت جو ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهي.