اسلام آباد( م ڊ) پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر ملڪ احمد خان صدر جي چونڊ لاءِ اجلاس 9 مارچ تي صبح 10 وڳي طلب ڪري ورتو آهي. اسپيڪر ملڪ احمد خان چيو ته اجلاس ۾ صدر جي چونڊ لاءِ ووٽنگ ڪرائي ويندي، ميمبر نئين صدر جي چونڊ لاءِ پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪندا.
-
ليفٽيننٽ جنرل(ر) چراغ حيدر دفاع وزارت جو سيڪريٽري مقرر
اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان ايڊمنسٽريٽو سروس جي گريڊ 21 جو آفيسر اسدالرحمان گيلاني وزيراعظم جو سيڪريٽري(پرنسپل سيڪريٽري) مقرر ڪيو ويو آهي. خرم آغا کي وزيراعظم جي موجوده پرنسپل سيڪريٽري جي عهدي تان هٽائي وفاقي سيڪريٽري ڪامرس مقرر ڪيو ويو آهي، اهو گريڊ 22 جو آفيسر آهي جڏهن ته موجوده سيڪريٽري ڪامرس محمد صالح فاروق کي عهدي تان هٽائي انهي کي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ۾ رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ليفٽيننٽ جنرل(ر) محمد چراغ حيدر کي دفاع واري وزارت جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو، چراغ حيدر جي مقرري ڪانٽريڪٽ تي 2 سالن لاءِ ڪئي وئي ۽ انهي جي مقرري 5 مارچ 2024 کان شروع ٿيندي. سيڪريٽريٽ گروپ گريڊ 20 جي آفيسر ۽ جوائنٽ سيڪريٽري منصوبه بندي واي وزارت خير محمد ڪلور کي بدلي ڪري ان جون خدمتون سنڌ حڪومت جي حوالي ڪيون ويون آهن. ٻئي پاسي ڊپٽي چيف اڪائونٽس آفيسر، چيف اڪائونٽس آفيسر، پرڏيهي وزارت جي عمار رحمان کي تبديل ڪري آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفارتخاني ۾ 3 سالن لاءِ بطور فنانس اينڊ اڪائونٽس آفيسر مقرر ڪيو ويو آهي.
-
بلوچستان عوامي پارٽي جو آصف زرداري کي ووٽ ڏيڻ جو فيصلو
ڪوئيٽا (م ڊ) بلوچستان عوامي پارٽي صدارتي چونڊ ۾ آصف زرداري کي ووٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، خبر موجب حڪومتي ڳالهين واري ڪاميٽي چيئرمين سينيٽ صادق سنجراڻي سان سندس چيمبر ۾ ملاقات ڪئي، جتي وفد صدر جي اميدوار آصف علي زرداري جي حمايت جي درخواست ڪئي، حڪومت ڪاميٽي ۾ خورشيد شاهه، نويد قمر، يوسف رضا گيلاني، راجا پرويز اشرف شامل هئا، ان کانسواءِ اسحاق ڊار، اعظم نذير تارڙ ۽ اتي ٻيا ميمبر موجود هئا.
-
عام چونڊن ۾ ووٽ پي ٽي آءِ کي مليو، وزيراعظم شهباز شريف ٿي ويو آهي: اسد قيصر
اسلام آباد: (م ڊ ) تحريڪ انصاف جي سينئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني عمران خان چئي چڪو آهي ته چونڊن ۾ ڌانڌلي ٿي آهي، اسان ڪيئن خاموش رهون؟ ووٽ پي ٽي آءِ کي مليو، وزيراعظم شهباز شريف بڻجي ويو.ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته اسان آئين جي بالادستي ۽ قانون جي حڪمراني لاءِ اسيمبلي ۽ عوام ۾ جدوجهد ڪنداسين. ڌانڌلي جي خلاف اسان سمورا دروازا وڄائينداسين اسان وٽ ان کان سواءِ ٻيو ڪهڙو آپشن آهي.اسد قيصر چيو ته عوام ووٽ پي ٽي آءِ کي ڏنا ۽ وزيراعظم شهباز شريف بڻجي ويو، ان تي اسان ڪيئن خاموش رهنداسين، پي ٽي آءِ باني عمران خان ڪنهن کان به انتقام وٺڻ جو ارادو نٿو رکي. هو فتح مڪه ماڊل ڏانهن ويندو.قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر چيو ته سڀني کان پهريان اسان کي هن نظام کي تبديل ڪرڻو آهي، ايندڙ حڪومت اسان جي هوندي ۽ اسان ملڪ ۾ صاف، شفاف چونڊون ڪرائينداسين، هن وڌيڪ چيو ته جمعيت علماءِ اسلام(ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سان اسان جا فاصلا ڊگها آهن انهي کي وقت سان گڏ گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين.