مشهور بينڪر محمد اورنگزيب کي ناڻي وارو وفاقي وزير بڻائڻ جو فيصلو

اسلام آباد( م ڊ) مشهور بينڪر محمد اورنگزيب کي ناڻي وارو وفاقي وزير بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ذريعن موجب ن ليگ اڳواڻ سينيٽر  اسحاق ڊار ناڻي واري وزير جي ڊوڙ مان ٻاهر ٿي ويو آهي، وزيراعظم شهباز شريف جي ويجهن ذريعن تصديق ڪئي آهي ته محمد اورنگزيب نئون ناڻي وارو وزير هوندو. ذريعن موجب گذريل ڏينهن وزيراعظم جي عهدي جو حلف کڻڻ کانپوءِ شهباز شريف جي صدارت هيٺ ٿيل ملاقات ۾ محمد اورنگزيب به موجود هو، ذريعن جو چوڻ آهي محمد اورنگزيب نواز شريف سان ملاقات به ڪئي آهي،شهباز شريف ڪابينا جي حوالي سان نواز شريف سان ملاقات ڪندو، جنهن کانپوءِ ناڻي واري وزير لاءِ محمد اورنگزيب جي نالي جو اعلان ڪيو ويندو، ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته ذريعن جو چوڻ آهي ته اسحاق ڊار کي ناڻي واري وزارت کانسواءِ ٻي اهم وزارت ڏيڻ جو امڪان آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.