اسلام آباد (م ڊ) اليڪشن ڪميشن سينيٽ جي 48 سِيٽن تي 3 اپريل تي چونڊون ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو، ذريعن ٻڌايو ته اليڪشن ڪميشن سينيٽ چونڊن جو شيڊول تيار ڪري ورتو آهي، سينيٽ جي 48 سيٽن تي چونڊون 3 اپريل تي ٿينديون، ذريعن موجب سينيٽ جي چونڊن لاءِ پولنگ 3 اپريل تي قومي ۽ چئني صوبائي اسيمبلين ۾ ٿيندي، 3 اپريل تي سنڌ، پنجاب ۾ 12 -12 جڏهن ته اسلام آباد جي 2 سينيٽرز جي چونڊ ٿيندي، جڏهن ته خيبرنختونخواهه مان 11-11 نوان سينيٽر منتخب ٿيندا، ذريعن موجب سينيٽ جا 52 سينيٽر 11 مارچ تي پنهنجو مدو پورو ڪري رٽائرڊ ٿي ويندا، ٻئي پاسي پنجاب ۽ سنڌ جا به 12-12 جڏهن ته اڳوڻي فاٽا جا 4 سينيٽر رٽائرڊ ٿي ويندا، ان کانسواءِ خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان جا 11-11 جڏهن ته اسلام آباد جا 2 سينيٽر به پنهنجو مدو پورو ڪري وٺندا، 25هين آئيني ترميم موجب اڳوڻي فاٽا جي چئن سينيٽ سيٽن تي ٻيهر چونڊ نه ٿيندي.