راولپنڊي(م ڊ) خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان سان اڊيالا جيل ۾ ملاقات ڪئي، علي امين گنڊاپور جي پي ٽي آءِ باني سان ملاقات اڍائي ڪلاڪ جاري رهي. ذريعن موجب ملاقات ۾ خيبرپختونخواهه جي سياسي صورتحال ۽ ڪيسن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ذريعن جو چوڻ آهي ته وڏي وزير پي ٽي آءِ باني کي صوبي ۾ مستقبل جي حڪمت عملي کان آگاهه ڪيو، ذريعن جو چوڻ آهي ته ملاقات ۾ خيبرپختونخواهه ۾ نئين ڪابينا جي جوڙجڪ تي غور ويڇار ڪيو ويو ۽ علي امين گنڊاپور ڪابينا بابت پي ٽي آءِ جي باني سان صلاح مشورا مڪمل ڪيا، جنهن بعد عمران خان ڪي پي ڪابينا لاءِ 10 وزيرن ۽ ٻن صلاحڪارن جي نالن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ذريعن مطابق عمران خان تاج محمد ترند، مشتاق غني، ارشد ايوب، فضل شڪور، ڊاڪٽر امجد، رياض خان، فيصل ترڪئي، عاقب الله خان ۽ مينا خان سميت ٻين نالن جي منظوري ڏني آهي، پي ٽي آءِ باني سان ملاقات بعد اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي علي امين گنڊاپور جو چوڻ هو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومت جي حيثيت سان هڪ ٻئي سان رابطي ۾ رهنداسين پر ووٽ چوري ڪندڙن سان سمجهوتو نه ڪنداسين، هن چيو ته پي ٽي آءِ جو باني چئي رهيو آهي ته قانون جي بالادستي هئڻ گهرجي، نظريي موجب ڪم ڪندا رهنداسين، اهڙو نظام ٺاهينداسين ته جيئن ڪو به چوري نه ڪري سگهي. صوبي ۾ امن امان قائم ڪرڻو آهي، روزگار فراهم ڪرڻو آهي، بنيادي سهولتون، تعليم ۽ صحت کي بهتر بڻائينداسين، هڪ لک کان وڌيڪ خاندانن جي مالي مدد ڪنداسين. هن چيو ته چيف جسٽس آف پاڪستان کي درخواست آهي ته 9 مئي واقعي بابت ڪميشن جوڙي.