اسلام آباد( م ڊ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پنهنجي ويب سائيٽ تي عام چونڊن 2024 جي نتيجن جو فارم 45 جاري ڪري ڇڏيو آهي، اليڪشن ڪميشن طرفان فارم45 کان علاوه 46، 48 ۽ 49 به جاري ڪيا آهن، اليڪشن ڪميشن قومي ۽ چئني صوبائي اسيمبلي جي تڪن جا فارم جاري ڪري ڇڏيا آهن،اليڪشن ڪميشن تڪ بندين موجب فارم جاري ڪري ڇڏيا آهن