ڪي پي ۾ برساتن ۽ لينڊ سلائيڊنگ سبب 23 ڄڻا فوت، 23 زخمي

پشاور( م ڊ) خيبرپختونخواهه ۾ برساتن ۽ لينڊ سلائيڊنگ سبب هن وقت تائين 23 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن، خيبرپختونخواهه ۾ جاري برساتن  ۽ لينڊ سلائيڊنگ سبب حادثن جي نتيجي ۾ 17 ڄڻا فوت ۽ 23 زخمي ٿي پيا آهن. پي ڊي ايم اي جي رپورٽ موجب برساتن سبب 13 گهرن کي جزوي ۽ 21 گهر مڪمل طور تباهه ٿيا آهن، ڊائريڪٽر جنرل پي ڊي ايم اي محمد قيصر خان چيو آهي ته متاثر ضلعن ۾ برفباري ۽ لينڊ سلائيڊنگ سبب بند ٿيل روڊن کي کولڻ لاءِ امدادي ڪارروايون جاري آهن. ان لاءِ ورتو پيو وڃي. ٻئي طرف مالم جبه ۾ سخت برفباري ۾ ڦاٿل 6 سياحن کي بچائي ورتو آهي، ضلعي انتظاميا ۽ ريسڪيو 1122 سياحن کي ريسڪيو ڪري محفوظ هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي، ان موقعي تي پي ڊي ايم اي، ضلعي انتظاميا ۽ سمورا لاڳاپيل ادارا الرٽ تي آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.