اسلام آباد(م ڊ)يوٽيلٽي اسٽورن تي کنڊ وڌيڪ مهانگي ٿيڻ جو امڪان آهي، يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن رمضان المبارڪ کان اڳ 20 هزار ميٽرڪ ٽن کنڊ خريد ڪري ورتي آهي، جيڪا گذريل ٽينڊر جي ڀيٽ ۾ 17 رپيا 10 پئسا وڌيڪ اگهه تي خريد ڪئي وئي آهي.ذريعن موجب نئين خريد ڪيل کنڊ کان پوءِ يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن وٽ کنڊ جو اسٽاڪ 40 هزار ميٽرڪ ٽن جي لڳ ڀڳ ٿي ويو آهي، جڏهن ته هن ڀيري کنڊ 142 رپيا في ڪلو خريد ڪئي وئي آهي، جيڪا خرچن ۾ اضافو ڪرڻ کانپوءِ 155 رپيا في ڪلو ٿي ويندي.