ڪراچي(عوامي آواز نيوز) پي ٽي آءِ صدارتي چونڊ لاءِ قوم پرست اڳواڻ محمود خان اچڪزئي کي نامزد ڪري سياسي پنڊتن کي حيران ۽ نئين بحث جا دروازا کولي ڇڏيا، ڇا اها نامزدگي پ پ جي صدارتي اميدوار آصف علي زرداري لاءِ ڪو پيغام آهي؟ مولانا فضل الرحمان،اختر مينگل جو ووٽ اهميت اختيار ڪري ويو،نوازشريف جا اتحادي رهندڙ اچڪزئي، فضل الرحمان عمران خان جي ويجهو ٿيڻ لڳا،پ پ ۽ ن ليگ جي 10 جي قريب ماڻهن قومي اسيمبلي ۾ چونڊجڻ بعد سينيٽ جي سيٽ ڇڏي ڏني آهي،هڪ هڪ ووٽ اهميت اختيار ڪري ويو آهي،عمران خان ماضي ۾ محمود اچڪزئي جي تذليل ڪندو رهيو آهي، پ پ کي ايم ڪيو ايم کي پرچائڻ ضروري ٿي پيو آهي، سومر تي پ پ صدارتي ووٽ لاءِ ايم ڪيو ايم سان رابطو ڪرڻ واري آهي؟ محمود خان اچڪزئي ناليواري قوم پرست جماعت پشتونخوا ملي عوامي پارٽي جو سربراهه آهي هن جو تعلق بلوچستان جي سرحدي ضلعي قلعه عبدالله جي علائقي گلستان سان آهي،محمود خان اچڪزئي ناليواري قوم پرست اڳواڻ خان عبدالصمد خان اچڪزئي جو پٽ آهي،1970 دوران دستي بم حملي ۾ شهيد عبدالصمد خان اچڪزئي جي شهادت کانپوءِ محمود خان اچڪزئي کي پارٽي جو سربراهه بڻايو ويو، ضيا الحق جي مارشل لا دوران کيس افغانستان ۾ جلاوطني اختيار ڪرڻي پئي، هو 1988ع ۾ بينظير ڀٽو جي حڪومت ۾ پاڪستان واپس آيو،محمود خان اچڪزئي ۽ هن جي پارٽي ڪڏهن به مارشل لا ۽ غيرجمهوري حڪومتن سان سمجهوتو نه ڪيو بلڪه هو ملڪ ۾ فوجي آمريتن خلاف جدوجهد ۾ پيش پيش رهيو، محمود خان اچڪزئي ملڪ ۾ اسٽيبلشمينٽ جي سياسي ڪردار خلاف پنهنجي سخت گير بيانئي جي ڪري به سڃاتو وڃي ٿو، محمود خان اچڪزئي ۽ هن جي پارٽي ملڪ ۾ جمهوريت جي بحالي جي سمورين تحريڪن جو حصو رهيو آهي،