ڪراچي/سيوھڻ/خيرپور ناٿن شاهه(رپورٽر+نمائندا)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته اسان کي اميد آهي ته آصف علي زرداري هڪ ڀيرو ٻيهر هن ملڪ جو صدر چونڊيو ويندو ۽ پنهنجي قائداڻي صلاحيتن کي عوام جي ڀلائي لاءِ استعمال ڪندو. هن چيو ته آصف علي زرداري کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ پارٽي جي هدايتن مطابق سڀني وٽ وينداسين ۽ کين درخواست ڪنداسين ته اسان جو ساٿ ڏين. ھن چيو ته ايم ڪيو ايم سان اسان جا سٺا لاڳاپا رهيا آهن ۽ اڳتي به عوام جي ڀلائي، صوبي جي ترقي ۽ امن امان جي بحالي جي حوالي سان هڪ ٻئي سان ڀرپور سھڪار ڪندا رهنداسين. هن اها ڳالهه صدارتي چونڊن لاءِ پيپلز پارٽي جي سربراهه آصف علي زرداري جا نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي ڪئي. وڏي وزير وڌيڪ چيو ته هن وقت اسان جا سمورا اسيمبلي ميمبر هتي موجود آهن ۽ آصف علي زرداري صدارتي اليڪشن جو اميدوار آهي. هن چيو ته سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبرن کي اهو اعزاز حاصل آهي ته انهن پاران پڻ هڪ فارم جمع ڪرايو ويو آهي، جنهن ۾ مان تجويز ڪندڙ آهيان ۽ ناصر حسين شاهه حمايت ڪندڙ آهي، انھن ڪاغذن جي 4 تاريخ تي اسلام آباد ۾ اسڪورٽني ٿيندي ۽ انشاءَ الله 9 تاريخ تي چونڊن کانپوءِ آصف علي زرداري ٻيهر ملڪ جو صدر چونڊجي ويندو. ھن چيو تھ اسان هر انھيءَ ماڻهو وٽ وينداسين جنهن وٽ ووٽ آهي ۽ انهن کي حمايت لاءِ درخواست ڪنداسين. هن چيو ته مان اسيمبلي ميمبرن کي به درخواست ڪئي هئي ته هو اسپيڪر جي چونڊ جي موقعي تي اسان جو ساٿ ڏين. هن چيو ته امين گنڊاپوري هڪ چونڊيل وڏو وزير آهي، هو اڄ حلف کڻندو، وڏو وزير ٿيڻ کانپوءِ هو پنهنجي پارٽي جي هدايتن تي عمل ڪندو ۽ سندس بيانن مان معلوم ٿئي ٿو ته پارٽي جي گائيڊ لائين ڪهڙي آهي. مان ڪنهن ٻئي وڏي وزير بابت پنهنجي ذاتي راءِ نٿو ڏئي سگهان. هن چيو ته مان هن وقت سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ توهان کي ڳالھائي رهيو آهيان، جيتوڻيڪ مان وڪيل ناهيان، پر مان نه ٿو سمجهان ته وڏي وزير وٽ ايترا اختيار آهن، جيڪڏهن هجن ها ته سياسي انتقام کانسواءِ ڪنهن به ظالم کي سزا نه ملي ها. هن چيو ته ايم ڪيو ايم سان اسان جا اڳ به سٺا لاڳاپا رهيا آهن، اسان اتحادي جي حيثيت سان به سٺو ڪم ڪري ڏيکاريو آهي، اسان کي اڳتي به ورڪنگ رليشن رکڻو پوندو. سندس چوڻ هو ته منهنجي خواهش آهي ته صوبي جي عوام جي ڀلائي، ترقي ۽ امن امان لاءِ هڪ ٻئي سان سهڪار ڪريون ۽ ڪنهن به غلطي يا خامي تي جائز تنقيد ڪريون ته جيئن اسان کي به بهتري جو موقعو ملي. هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته اسان جي لوڪل گورنمينٽ واحد حڪومت آهي جيڪا اڳ ئي بااختيار آهي، ٿي سگهي ٿو تھ ايم ڪيو ايم پنجاب جي بلدياتي نظام جي حوالي سان چيو هجي، ڇاڪاڻ تھ اتي لوڪل گورنمنٽ جهڙو ڪو نظام ئي ناهي. ايم ڪيو ايم به وفاق جي پاسي وڃي سگهي ٿي. هن چيو ته جيڪي سٺا ڪم اسان صوبي ۾ ڪيا آهن ۽ ايم ڪيو ايم به پي ايم ايل اين کي سنڌ حڪومت جي نقش قدم هلڻ جو مشوري ڏئي رهي آهي ته جيئن جيڪي سٺا ڪم اسان ڪيا آھن، اهي پنجاب ۾ ڪري ڏيکاري. ھن چيو تھ بلديات ۾ جيڪي بهتري ڪرڻي آهي اها پاڪستان پيپلز پارٽي ڪندي. ڪابينا جي تشڪيل بابت سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته اهو مون ناهيان چيو پر سپريم ڪورٽ چوي ٿي ته حڪومت جو مطلب ڪابينا آهي ۽ مان پنهنجي قائد جي صلاح مشوري سان جلد ڪابينا ٺاهيندس. هن چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اڳ به ڌانڌلي جي حوالي سان اعتراض اٿاري چڪو آهي ۽ اها وضاحت ڪري چڪو آهي ته اسان کي سنڌ صوبي ۾ ٿيندڙ چونڊن تي اعتراض آهن ۽ اهڙي ريت ٻين صوبن ۾ به اعتراض آهن پر ان حوالي سان اسان قانوني طريقو اختيار ڪنداسين جيڪو اسان ڪري رهيا آهيون پراهو نه جو اسان روڊن تي نڪري ماڻهن جي تڪليفن جو سبب بڻجون. هن چيو ته اسان سڀني کي گڏ کڻي هلڻ چاهيون ٿا ۽ اسان سڀني جو احترام ڪريون ٿا جيڪي اسيمبلي جو حصو آهن. پي ٽي آءِ جي دوستن سان به ملاقات ڪئي آهي ۽ انهن سندس آجيان ڪئي آهي، صدارتي اليڪشن جي حوالي سان پارٽي جي سمورن ميمبرن وٽ ويندس. ان کان اڳ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صدارتي چونڊ لاءِ پارٽي سربراهه آصف علي زرداري جا نامزدگي ڪاغذ چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جسٽس عقيل عباسي وٽ جمع ڪرايا. ان موقعي تي وڏي وزير مراد علي شاهه سان پيپلز پارٽي اڳواڻن فريال ٽالپر، سيد قائم علي شاهه، آغا سراج دراني، نثار کهڙو، ناصر شاهه، سنڌ اسيمبلي اسپيڪر اويس قادر شاهه، ڊپٽي اسپيڪر انٿوني نويد، شرجيل ميمڻ، امتياز شيخ، سعيد غني، نادر مگسي سميت ڪيترائي ايم پي اي پڻ موجود هئا،هوڏانهن وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو آهي تـ الله کان دعا آھي تـ عوام کي جيڪي مسئلا درپيش آھن ايندڙ حڪومت انھن کي حل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿئي، ھن وقت ملڪ جي سمورين صوبائي اسيمبلين ۾ وزير اعليٰ جي چونڊ ٿي چڪي آھي ۽ ھڪ ٻن ڏينهن ۾ وزير اعظم جي چونڊ بـ ٿي ويندي اھڙن خيالن جو اظھار ھن حضرت قلندر لال شھباز رحـ جي 772 ھين عرس مبارڪ جي اختتامي تقريب ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. وڏي وزير چيو تـ مسلم ليگ نواز ۽ پيپلز پارٽي جي گڏيل طاقت سان آصف علي زرداري صدر چونڊجي ويندو ۽ اسان کي صدارت جي چونڊ لاءِ ايم ڪيو ايم جي ووٽن جي ضرورت نـ آھي جڏھن تـ آصف علي زرداري جي ڪوشش آھي تـ سمورين پارٽين کي گڏ کڻي ھلجي. وڏي وزير چيو تـ آصف علي زرداري اھو صدر آھي جنهن پنهنجا اختيار بـ ختم ڪيا، صدر وفاق ۾ استحڪام جي علامت آھي ۽ آصف علي زرداري اڳي بـ سڀني کي گڏ کڻي ھليو ۽ ھاڻي بـ گڏ کڻي ھلڻ جي صلاحيت رکي ٿو. وڏي وزير پي ٽي آءِ پاران آءِ ايم ايف کي لکيل خط تي افسوس ڪندي چيو تـ پي ٽي آءِ کي پنهنجي غلطين مان سکڻ گھرجي ۽ اھا ملڪ جي لاءِڪا سٺي ڳالھ نـ آھي ته آءِ ايم ايف کي خط لکي حڪومت سان ڳالھين کان منع ڪيو وڃي الله کين ھدايت ڏيندو. ھڪ سوال جي جواب ۾ ھن چيو تـ چيئرمين بلاول ڀٽو جي ڪوشش آھي تـ سمورين پارٽين سان ڳالهيون ڪيون وڃن، ھن وقت پيپلز پارٽي جي سپورٽ کان سواءِڪا بـ حڪومت نـ ٺھي سگھي ھا ملڪ جي وسيع تر مفاد ۾ اسان مسلم ليگ نواز جو ساٿ ڏنو آھي. صوبي ۾ امن امان جي خراب صورتحال تي پڇيل سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو تـ امن امان اسان جي ترجيح ۾ شامل آھي ۽ اسان ھر صورت ۾ صوبي ۾ امن امان قائم ڪنداسين. ھن وڌيڪ چيو تـ چيئرمين بلاول ڀٽو جي خاص ھدايت آھي تـ حڪومت جي تڪميل کان پوءِٻوڏ متاثرن جي بحالي ۽ شھرين کي صاف پاڻي جي فراھمي لاء ھر ممڪن ڪوشش ڪئي ويندي. 1 کان 15 گريڊ جي نوڪرين جي بابت سوال تي وڏي وزير چيو تـ اسان جي ڪوشش آھي تـ نوڪرين جي عمل کي جلد مڪمل ڪيون. ان موقعي تي ڊاڪٽر سڪندر شورو، سيد آصف علي شاهه، جونيئر ملڪ سڪندر خان، سڪندر راھپوٽو، سيڪريٽري اوقاف ۽ ڊي جي ڪلچر منور علي مھيسر، ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد سيد خالد حيدر شاھ، ڊي آءِ جي جي حيدرآباد طارق رزاق ڌاريجو، ايس ايس پي اسپيشل برانچ حيدرآباد آصف علي ٻگھيو، ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد علي ذوالفقار ميمڻ ۽ ٻيا ساڻس گڏ هئا ان کان اڳ وڏي وزير سيد مراد علي شاھ عرس مبارڪ جي آخري ڏينهن تي قلندر جي مزار تي چادر چاڙھي ۽ ملڪ جي خوشحالي ۽ استحڪام لاء دعا گھري.ٻئي پاسي