اڄ وزيراعظم جي چونڊ: شهباز شريف ۽ عمر ايوب جا نامزدگي ڪاغذ منظور

اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم جي چونڊ لاءِ(ن) ليگ جي صدر شهباز شريف ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ عمر ايوب جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪيا ويا آهن.ليگي اڳواڻ سينيٽر اسحاق ڊار اتحادي پارٽي جي اڳواڻن سان گڏ شهباز شريف جا نامزدگي ڪاغذ پارليامينٽ هائوس چيمبر ۾ قومي اسيمبلي جي سيڪريٽري وٽ جمع ڪرايا.سني اتحاد ڪائونسل اسيمبلي ميمبرن اسد قيصر، علي محمد خان، عامر ڊوگر، جنيد اڪبر، عمر ايوب جا نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا. سني اتحاد ڪائونسل جا ميمبر نعرا لڳائيندي اسپيڪر آفيس پهتا. اسپيڪر اياز صادق ٻنهي اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪري ورتا.قومي اسيمبلي سڀاڻي نئين وزيراعظم جي چونڊ ڪندي ۽ اجلاس ڏينهن جو 11 وڳي ٿيندو. وزيراعظم جي چونڊ لاءِ سادي اڪثريت حاصل ڪرڻ لازمي آهي. 336 جي ايوان ۾ 169 ووٽ کڻندڙ کي وزيراعظم قرار ڏنو ويندو. شهباز شريف کي 200 کان وڌيڪ ووٽ ۽ عمر ايوب خان کي 90 کان وڌيڪ ووٽ ملڻ جو امڪان آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.