ڪراچي( م ڊ) چولستان جي ريگستان ۾ سنڌو تهذيب جي قديم شهر گنويري جي کوٽائي شروع ڪئي وئي آهي، چولستان جي ريگستان ۾ گنويري ۾ دفن ٿيل قديم شهر جي کوٽائي ۽ آثار قديمه جي ماهرن ڪيترن سالن جي تحقيق کانپوءِ ان جي کوٽائي جو باضابطا آغاز ڪيو آهي.هزارين صديون اڳ هي شهر هاڪرا نديءَ جي ڪناري تي آباد هو، جنهن کان پوءِ هاڪڙا نديءَ جا آثار هتي ڏسي سگهجن ٿا.ڊي جي آرڪيالاجي ثاقب سعيد جو چوڻ آهي ته گنويري وارو دڙو 1975ع ۾ دريافت ٿيو هو،جيڪو 80 ايڪڙن جي ايراضيءَ تي پکڙيل آهي، ان تي ڪم به جلد شروع ڪيو ويندو، ڪمشنر بهاولپور ڊويزن ڊاڪٽر احتشام انور موجب کوٽائي ۾ 6 هفتا لڳندا. پهرين مرحلي ۾ جڏهن اهي آثار هٿ ڪيا ويندا ته انهن کي محفوظ ڪرڻ لاءِ هڙپا منتقل ڪيو ويندو ۽ بعد ۾ اهي قديم آثار بهاولپور ميوزيم ۾ رکيا ويندا، هن چيو ته گنويري آرڪيالاجي منصوبي جي مڪمل ٿيڻ سان ملڪ جي ترقيءَ تي مثبت اثر پوندا. چولستان ريگستان ۾ عالمي سياحت جي فروغ سان گڏ معيشت تي به اثر پوندو.