اسلام آباد(م ڊ) پختونخوا ملي عوامي پارٽي جي سربراهه محمود خان اچڪزئي چيو آهي ته ڪجهه ماڻهو پارليامينٽ کي منڊي بڻائڻ چاهين ٿا، اسٽيبلشمينٽ آئين سان هٿ چراند پئي ڪري، سڀ طلي ڪن ته اسٽيبلشمينٽ جو ڪردار سياست ۾ نه هوندو. ايوان ۾ ڳالهائيندي محمود خان چيو ته اسان جي نئين پارليامينٽ جي شروعات ٿيڻ واري آهي، پارليامينٽ ۾ ڪير به ٻين بابت ڳالهائڻ لاءِ تيار ناهي. هن چيو ته اسان جي اسٽيبلشمينٽ آئين سان کيڏي ٿي، هي ايوان 22 ڪروڙ عوام جو نمائندو آهي، ڪجهه ماڻهو پاڪستان جي پارليامينٽ کي ٻڪرامنڊي بڻائڻ چاهين ٿا. هن چيو ته نواز شريف چوندو هو ته ووٽ کي عزت ڏيو، عمران خان به عوام جي طاقت سان آيو آهي، سڀني کي فيصلو ڪرڻو پوندو ته اسٽيبلشمينٽ جو ڪردار سياست ۾ نه هوندو ۽ پاڪستان جي اندروني ۽ بيروني سياست جو سرچشمو هي پارليامينٽ هوندي. محمود اچڪزئي چيو آهي ته مارشل لا جي حمايت نه ڪندڙ ججن کي قوم جو هيرو قرار ڏنو وڃي. قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي هن چيو ته مارشل لا جي حمايت ڪندڙ ججن جون پگهارون ۽ مراعتون واپس ورتيون وڃن ۽ کين نوڪرين تان برطرف ڪيو وڃي. 8 فيبروري تي نوجوان نڪري آيا، انهن ملڪ لاءِ ووٽ ڏنو پر هتي اڳواٽ ئي عهدا ورهائي آئين سان غداري ڪئي وئي . هن چيو ته پارليامينٽ ۾ اعلان ڪيو ته ملڪ جا فيصلا ايوان ۾ ٿيندا، پارليامينٽ تي جنهن گندي طريقي سان حملو ڪيو ويو ان جو مثال نٿو ملي. محمود اچڪزئي چيو ته ڪجهه ماڻهو 22 ڪروڙ عوام جي پارليامينٽ کي مارڪيٽ بڻائڻ چاهين ٿا.