عمران پاران آءِ ايم ايف کي خط لکڻ بابت سينيٽ ۾ رٿ جمع

پي ٽي آءِ باني پاران آءِ ايم ايف کي خط لکڻ خلاف سينيٽر عرفان صديقي سينيٽ ۾ مهملي جي رٿ جمع ڪرائي ڇڏي،عرفان صديقي طرفان طرفان سينيٽ سيڪريٽريٽ ۾ رٿ جمع ڪرائي وئي آهي، رٿ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته آءِ ايم ايف کي خط پارٽي ترجمان رئوف حسن  موڪليو، خط ۾ عالمي مالياتي اداري  کي چيو ويو آهي ته پاڪستان جي امداد کان پهريان حڪومت تي شرط لاڳو ڪري، رٿ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پي ٽي آءِ چونڊ نتيجن کي چيلينج ڪيو آهي،ان حوالي سان ايوان ۾ بحث ڪرائي وڃي. ٻئي پاسي سينيٽ اجلاس کي خطاب ڪندي سينيٽر سعديا عباسي چيو ته پي ٽي آءِ باني آءِ ايم ايف کي خط لکي ملڪ جي داخلي معاملن ۾ مداخلت  جي دعوت ڏني آهي،هن چيو ته پي ٽي آءِ جي ڪردار مضبوط اپوزيشن پارٽي جي هجڻ گهرجي، اڄ جي اپوزيشن سڀاڻي جي حڪومت آهي، هن وڌيڪ چيو ته آءِ ايم ايف سان اسانکي سوال جواب ناهن ڪرڻا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.