اسلام آباد(م ڊ) قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران اسپيڪر راجا پرويز اشرف ۽ لطيف کوسا وچ ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي. لطيف کوسا راجا پرويز اشرف کي مخاطب ٿيندي چيو ته اسپيڪر صاحب توهان مبارڪباد جا مستحق آهيو، توهان 302 ميمبرن حلف کنيو، پاڪستان پينل ڪوڊ ۾ 302 قتل جو قلم آهي. لطيف کوسا چيو ته ڪالهه توهان 302 ماڻهن کي قسم کڻي جمهوريت جو قتل ڪيو.