لعل شهبازميلي جي ٻي ڌمال،دما دم مست قلندر جون صدائون

سيوهڻ(رپورٽ: خالد ميمڻ (حضرت لال شهباز قلندر جي 772 هين عرس مبارڪ جون ٻئي ڏينهن جون تقريبون ڪالهھ سيوھڻ ۾ جاري رھيون, ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان پانڌيئڙن جو سيوھڻ آمد جو سلسلو ٻئي ڏينهن به  جاري رھيو جڏھن ته قلندر جي نگري ۾ قلندري عقيدتمندن جو سمنڊ اٿلڻ ڪري شھر جي رونقن ۾ اضافو ٿي ويو ۽ عقيدتتمند وڏي عقيدت ۽ جوش جذبي سان وڏا جلوس ڪڍي دم مست قلندر” جي صدائن سان درگاهه تي حاضري ڀرڻ ۾ ٻي ڌمال تي به مصروفيت ۾ رھيو ۽ جلوسن ۾ چادرون ھٿن ۾ کڻي مرد توڙي پير سن پنهنجي ٻارڙن سان گڏ قلندر جي روضي تي چاڙھي ڌمالون ھڻي رقص ڪري دعائون گھريون. جڏهن ته قلندرجي ميلي تي  عقيدتمندن پاران ننگر نياز ڪرڻ واري سلسلي کي جاري رکيو

  1.  ٻئي ڏينهن به سنڌ جي ثقافتي راند ملاکڙو ،ملهه پهلوانن پاران زور آزمائي

سيوهڻ : ٻئي ڏينهن به ملاکڙا گرائونڊ ۾ سنڌ جي ثقافتي راند ملاکڙو  منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ ملھ پهلوان پنهنجي زور آزمائي ڪندي شائقين خوب داد ۽ انعام حاصل ڪيو،

  1.  ميلي ۾ شاهينگن جو به آزار،  سوين ماڻهن پئسن، موبائل فونز کان محروم

سيوھڻ:  حضرت سخي لعل شھباز قلندر جي 772ھين عرس مبارڪ ۾ جيب ڪترن جون قطارون لڳل ڪيترن ئي زائرين جا  پيسا ۽ موبائلون نڪري ويون پانڌيئڙا پنهنجي مدد پاڻ تحت جيب ڪترن کي موقعي تي ئي پڪڙي مارڪٽ ڪندا ۽ سيوھڻ ٿاڻي تي لاڪپ ڪرائين ٿا پر موبائلن جي واپسي ناممڪن بنجي وئي آھي ء زائرين جو چوڻ آھي ته جيب ڪترن جا ٽولا ميلي ۾ آيل آھن پر موبائل ڪڍي ۽ ٻئي ساٿي کي ڏين ٿا جيڪو اتان رش ھئڻ سبب فرار ٿي وڃي ٿو ان سلسلي ۾ ايس ايس پي ڄامشورو طارق نواز اوچتو ٿاڻي تي پھچي ويو ۽ زائرين جون دانھون ٻڌيون بعد ۾  ايس ايس پي ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته اسان وٽ ٿاڻي تي 50  کان وڌيڪ بشني لاڪپ ڪيا آھن پر رڪوري ڪرڻ لاء ڪوشش وٺون پيا ۽ جيتري قدر بشنين جا ٽولا آيل آهن ميلي ۾ ۽ سندن سان ملوث ساٿي جي ڳولا ڪريون پيا جيئن زائرين کي سامان واپس ملي سگھي.

  1. سگهڙن جي ڪچهري، محفل جي مورن کي ايوارڊ 

سيوهڻ:حضرت لعل شهباز قلندر جي ساليانه عرس مبارڪ جي پهرين رات شهباز آڊيٽوريم سيوهڻ ۾ سنڌ جي روايتي محفل سگهڙن جي ڪچهري جو اهتمام ڪيو ويو، جنهن جو مهمان خصوصي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽواسدالله کوسو هو ۽ ٻين مهمانن ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر سيوهڻ محمد علي گوپانگ، کان علاوه اسسٽنٽ مختيارڪار فيروز مصطفي برفت، ڊپٽي ڊائريڪٽر انفارميشن رفيق احمد سولنگي، عبداللطيف سولنگي ۽ ٻيا شامل هئا، جڏهن ته ان تقريب ۾ پوري سنڌ مان آيل ناميارن سوين سگهڙن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو ڄامشورو چيو ته سگهڙ سنڌ جي لوڪ ادب جا محافظ آهن جن جو قدر ڪرڻ اسان جي ذميواري ۾ شامل آهي.ڪچهري دوران ميلا ڪميٽي پاران ميلي جي موقعي تي شايع ڪرايل سووئينر جي رونمائي پڻ ڪئي وئي ۽ بهترين سگهڙن جن ۾ علي محمد ڀٽي، محبوب علي ڏيپر ۽ علي گل گاڏهي کي شهباز ايواڊ پڻ ڏنو ويو. ڪچھري ۾ محمد حسين عرف پٺاڻ، انور علي ٻگهيو ، محمد رجب سولنگي، محمد هاشم لوهار، منظور علي سولنگي، خادم حسين، محمد علي جهتيال، خادم حسين ڀٽي کان علاوه 150 کان وڌيڪ سگهڙن لوڪ ادب جون مختلف صنفون پيش ڪيون جنهن ۾ ڏور بيت، سينگار، ڳجهارت، ڏهيس شامل آهن. جڏهن ته غلام رسول سولنگي ۽ سگهڙ رحمت الله لاشاري اسٽيج سيڪريٽري جا فرائض انجام ڏنا. تقريب دوران مشهور فنڪارن محمد شريف رند، نياز حسين ملاح، نزاڪت علي برهماڻي، جمعون خان منڱڻهار ۽  جئي رام جوڳي مرلي تي لوڪ ڌنون ٻڌائي سامعين کان داد وصول ڪيو ۽ اها تقريب رات دير تائين جاري رهي.

  1. ميلا ڪاميٽي ۽ ڪلچر ڊپارٽمينٽ پاران ادبي ڪانفرنس منعقد

سيوهڻ : اڄ رات جي وقت ميلا ڪاميٽي ۽ ڪلچر ڊپارٽمينٽ پاران شھباز آڊيٽوريم حال ۾ ادبي ڪانفرنس منعقد ڪئي ويندي،  جنهن ۾ ناليوارا اديب، شاعر، ليکڪ شاعري ۽ مقالا پڙھندا جنهن ۾ ڊي جي ثقافت منور علي مهيسر ادبي ڪانفرنس ۾ مهان خاص طور شرڪت ڪندو. ھوڏانھن قلندر شھباز جي عرس مبارڪ جي آخري ڏينهن تي اڄ ڇنڇر ڏينھن وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه درگاهه قلندر تي حاضري ڀري ميلي جي آخري ڏينهن واري رسم ادا ڪندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.