اسلام آباد (م ڊ) سردار اياز صادق چيو آهي ته اسپيڪر شپ جي لاءِ اعتماد ڪرڻ تي پارٽي قيادت ۽ اتحادي اڳواڻن جي مهرباني آهي، اجلاس جي صدارت ڪندي هن چيو ته اعتماد ڪرڻ تي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو، چوڌري شجاعت حسين، ايم ڪيو ايم پاڪستان جي خالد مقبول صديقي ۽ ٻين جو به شڪريو ادا ڪريان ٿو، هن چيو ته جمهوري عمل ۾ حصو وٺڻ تي سني اتحاد ڪائونسل جي عامر ڊوگر جو به شڪريو ادا ڪيان ٿو، عامر ڊوگر مون کي ڀاءُ چوندو آهي، آئون هن جو وڏو ڀاءُ بڻجي ڏيکاريندس، سني اتحاد جي ٻين ميمبرن سان به منهنجو هڪ رشتو آهي، حڪومت، اپوزيشن جي گاڏي کي ٻه پير آهن، سڀني کي گڏ کڻي هلنداسين.