متحده ۽ نواز ليگ ۾ ٺاهه، فنڊ صوبن بدران ضلعن کي ملندا

اسلام آباد (م ڊ) ن ليگ ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان وچ ۾ آئيني ترميم تي معاهدو ٿي ويو. ايم ڪيو ايم پاران قومي اسيمبلي اجلاس جي بائيڪاٽ جي ڌمڪي بعد نواز ليگ ايم ڪيو ايم سان آئين جي آرٽيڪل 140 ۾ ترميم بابت معاهدو ڪري ورتو، اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر  جي چونڊ دوران ايم ڪيو ايم جا ميمبرز ايوان مان واڪ آئوٽ ڪري ويا.  اياز صادق متحده ميمبرز کي پرچائي وٺي آيو، آئين  جي آرٽيڪل 140 ۾ ترميم تي اتفاق ٿيڻ بعد نواز ليگ طرفان احسن اقبال ۽  ايم ڪيو  ايم جي طرفان مصطفيٰ  ڪمال معاهدي تي صحيح ڪئي، آرٽيڪل 140 تحت صوبن کي ملندڙ فنڊز ترميم بعد صوبن بدران ضلعن کي ملي سگهندا. نواز ليگ سان معاهدي بعد ايم ڪيو ايم ميمبرز اپوزيشن بدران حڪومتي بئنچز تي ويهي رهيا، معاهدي بعد مصطفيٰ ڪمال ڳالهائيندي چيو ته هي معاهدو بيمار پاڪستان لاءِ هڪ ڪيميائي نسخو آهي.  احسن اقبال چيو ته اڄ اسان يادداشتنامي تي صحيحون ڪيون آهن، ٻنهي جماعتن عوام کي بااختيار بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي، طئي ٿيل مسودي تي قومي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.