لاهور (م ڊ) لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پي ٽي آءِ باني عمران خان جي ظلِ شاهه قتل ڪيس، زمان پارڪ ڀڃ ڊاهه سميت چار ڪيسن ۾ عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي، دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج ارشد جاويد پي ٽي آءِ باني جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو ٻڌايو، عدالت پنج پنج لک رپين جي مچلڪن عيوض ضمانتون منظور ڪري ورتيون، ياد رهي ته زمان پارڪ ڀڃ ڊاهه سميت چار ڪيسن ۾ ضمانت جي لاءِ اڳوڻي وزيراعظم عدالت سان رابطو ڪيو هو.