ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي جي سرجاڻي ٽائون جي علائقي شاھ بيگ ڳوٺ سيڪٽر 10 ۾ گھر جي ڇت ڪرڻ جي نتيجي ۾ ملبي ھيٺان اچي 12 سالن جو ٻار فوت ٿي ويو ۽ 3 ماڻھو زخمي ٿي پيا. تفصيل مطابق پوليس ذريعن جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته حادثي ۾ 12 سالن جو رضا نالي ٻار فوت ٿي ويو آهي ۽ جڏهن ته حادثي ۾ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن جن کي عباسي شھيد اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.