ڪراچي (رپورٽ: حفيظ ڦلپوٽو) ڪراچي جي علائقي جمشيد ڪوارٽر ٽين هٽي جي ويجهو پوليس جو وائٽ ڪرولا گينگ سان مقابلو ٿيو، نتيجي ۾ زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيل ٻه ڏوهاري اسپتال منتقلي دوران دم ڏئي ويٺا، نجي ٽي وي موجب ايس ايس پي عرفان بهادر ٻڌايو ته مارجي ويلن جا 2 ساٿي فرار ٿي ويا، مارجي ويل شهر ۾ خوف جي علامت بڻيل هئا، عرفان بهادر ٻڌايو ته گرفتار جوابدار وائٽ ڪرولا گينگ جا ميمبر هئا، مارجي ويلن جي سڃاڻپ شاهد برگر ۽ شاهد ڪالي جي نالن سان ٿي آهي، جوابدار وائٽ ڪرولا ۾ وارداتن جي نيت سان گهمي رهيا هئا، ايس ايس پي ٻڌايو ته گرفتار جوابدارن جا ٻه ساٿي وائٽ ڪرولا ۾ فرار ٿيا، شاهد عرف برگر کي 26 کان وڌيڪ گهرن ۾ ڌاڙن جي وارداتن ۾ ملوث ڏٺو ويو هو، شاهد عرف ڪالا به 10 کان وڌيڪ ڌاڙن جي ڪيسن ۾ گرفتار ٿي جيل به وڃي چڪو آهي.