ٽنڊو محمد خان (ڊ ر) ٽنڊو محمد خان جي سعيد پور جي زرعي زمين مان شهر جي بهراڻي محلي جي رهواسي 28 سالا نوجوان پورهيت پريم واگڙي جو لاش پڻ ۾ پراسرار طور ٽنگيل مليو ، جنهن تي ڳوٺاڻن پوليس کي اطلاع ڪري لاش کي سعيد پور مان ٽنڊو محمد خان جي سرڪاري اسپتال پهچايو جتي وارث پهچڻ بعد فوتي جي سڃاڻپ ڪري پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ، پوليس ۽ وارثن ۾ پوسٽ مارٽم تي تڪرار کانپوءِ پوليس وارثن کان پنهنجا بيان لکت ۾ وٺي بنا پوسٽ مارٽم جي لاش سندن حوالي ڪري ڇڏيو ، وارث لاش کي ٽنڊو محمد خان شهر جي بهراڻي محلي پنهنجي گهر کڻائي ويا ، جنهن کانپوءِ لاش جو هندورسومات تحت سندن مسڻ ۾ آخري رسم ادا ڪئي وئي، پراسرار طور آپگهات ڪندڙ نوجوان پورهيت پريم واگڙي سعيد پور ۾ زرعي زمين تي هارپي طور پورهيو ڪرڻ لاءِ پنهنجي گهر مان ويل هو جنهن جو لاش وڻ ۾ پراسرار طور ٽنگيل مليو هو جنهن بابت سندس وارثن پوليس وٽ ذهني توازن درست نه هجڻ ۽ گهر ڀاتين کان ناراض ٿيڻ جا بيان پوليس کي رڪارڊ ڪرايا ، وارثن جي ڏنل الڳ الڳ پوليس وٽ تڪراري بيانن باوجود پوليس واقعي جي ڪا به جانچ نه ڪئي نه وري لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرايو ويو.