ڪراچي (رپورٽ: ذوالفقار راڄپر ). سنڌ جي ليکڪن ، صحافين سنڌ حڪومت کان گهر ڪئي آهي ته سنڌ مدرسته اسلام يونيورسٽي، لياري يونيورسٽي سميت ٻين سرڪاري ۽ نجي تعليمي ادارن ۾ سنڌي شعبوکوليو وڃي، ڪراچي شهر ۾ بند سنڌي اسڪول ترت کوليا وڃن، شهر ۾ سنڌي ٻوليءَ جي سکيا جا مرڪز کوليا وڃن، برطانيه جي دور وانگر سرڪاري ادران ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ به لکت جو ڪم شروع ڪيو وڃي، سنڌ ۾ نوڪري ڪندڙن لاءِ سنڌي ٻولي لازمي سکڻ جو قانون نافد ڪيو وڃي، ڪراچي شهر سميت باقي جي وڏن شهرن ۾ رهندڙ خوشحال سنڌي ڪلاس احساس ڪمتري ختم ڪري پنهنجي ٻارن کي سنڌي ڳالهائڻ، لکڻ پڙهڻ کي اوليت جي بنياد تي اهميت ڏين ۽ ڪراچي شهر کي پنهنجي ننڍي ۽ وڏي ڪاروبار جو مرڪز بڻايو وڃي..اها ڳالهه سنڌ گريجويٽ ايسوسيشن ( سگا ) طرفان ڪالم نويس ۽ ليکڪ شعيب بڪڪ جي ڪتاب “ نيٺ ڇا ڪجي ” جي سگا جي مرڪزي آفيس جي هال ۾ ٿيل مهورت جي تقريب ۾ چئي وئي. ان موقعي تي صدارتي تقرير ڪندي امان الله شيخ چيو ته چيو ته شعيب بڪڪ جو ڪتاب ڪالمن ۽ لکڻين جو مجموعو نه پر اندر جي اڌمن جو داستان آهي، جيستائين سنڌ کي حق خوداختياري نه ملندي تيستائين نه مسئلا حل ٿيندا، نه امن ٿيندو ۽ ڪتاب “ نيٺ ڇا ڪجي ” جا داستان اڌورا رهجي ويندا. هن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي گذريل 15سالن جي حڪومت ۾ سنڌ کي هٿ وٺي تباهه ڪيو،جنهن ۾ سنڌ جو ڪجهه موقعي پرست وچون ڪلاس به ان جو ڀاڳي ڀائيوار رهيو آهي، سگا سنڌ جي وچين ڪلاس جو مضبوط ادارو آهي، سنڌجي وچين ڪلاس کي قومي سياست طرف اچڻو پوندو، هتي سياست ۾ بت ٺهيل آهن، ان ڪري سياست ۾ مسئلا موجود آهن. روزاني هلچل جي چيف ايڊيٽر ۽ ترقي پسند صحافي يونس مهر چيو ته شعيب بڪڪ پنهنجي ڪتاب ۾ نج سنڌي لهجن واري ٻولي لکي آهي ، هن چيوته “ نيٺ ڇا ڪجي ” ڪتاب ۾ ڪراچي شهر سميت باقي سنڌ جي مسئلن تي لکي شعيب بڪڪ پنهنجو نالو تاريخ ۾ لکرائي ڇڏيو آهي، بلوچستان جو اڌ حصو سنڌ جو آهي جتي سنڌي ٻولي ڳالهائي ۽ لکي پڙهي وڃي ٿي سنڌي ٻولي جا هر علائقي ۾ لهجا الڳ ڇو نه هجن پر اها شاهوڪارٻولي آهي. ڪتاب جي مصنف شعيب احمد بڪڪ چيو ته بلوچستان ۾ ڏڪر ڪري اتان جا ماڻهو سنڌ ۾ آباد ٿيا ، انگريزن جڏهن سنڌ تي قبضو ڪيو ته 1922.24 تائين ڪراچي شهر ۾ 18، 20 اسڪول کوليا ۽ منهنجي لا۽ اها خوشنصيبي آهي ته سنڌ جي ماڳن مڪانن تي لکندڙ نامور شخصيت گل حسن ڪلمتي پنهنجي زندگيءَ جي آخري لکڻي منهنجي هن ڪتاب لاءِ لکي ۽ يونس مهر جهڙي صحافت ۽ ترقي پسند سياست جي سرگرم شخصيت منهنجي ڪتاب جو مهاڳ لکيو آهي، ۽ هتي ڪابه اندروني سنڌ نه پر هڪ سنڌ آهي، ڪراچي شهر ۾ سنڌي ٻولي جي اسڪولن ۽ ٻوليءَ جي بحالي لاءِ جدوجهد ڪرڻي پوندي.پروفيسر عابده گهانگهرو چيو ته ورهاڳي کان اڳ سنڌي شاگردن ۽ سنڌي ٻولي جي تعليم لاءِ حسن علي آفنديءَ سنڌ مدرسو اسڪول کوليو هو، اهو جڏهن ترقي ڪري يونيورسٽي ۾ تبديل ٿيو ته اتي سنڌي ٻولي جي تعليم تي گهربل ڌيان نه ڏنو ويو ۽ هاڻي اتي سنڌي شعبو کلي نه سگهيو آهي، ساڳئي صورتحال لياري يونيورسٽي ۾ به موجود آهي، ڪراچي شهر ۾ سنڌي اسڪول بند ڪيا ويا آهن. ليکڪ عبدالواحد سومرو چيو ته ڪراچي شهر جي سنڌي ڳوٺن کي نظر انداز ڪيو ويو آهي، پر هاڻي سنڌ جي ٻين شهرن مان سنڌي نوجوان مزدوري کان وٺي هر شعبي ۾ ڪم ڪري رهيا آهن، لسٻيلو ۾ 95 سيڪڙو آبادي سنڌين جي آهي ، سڳئي نموني جهل مگسي ۽ بلوچستان جي ٻين علائقن ۾ به سنڌي آبادي جو وڏو تعداد موجود آهي ۽ اهي علائقا به سنڌ آهن، بلوچستان مان آيل ثناءُ الله چيو ته بلوچستان ۾ رهندڙ لاسين جي ٻولي جو لهجو سنڌ ۾ رهندڙ سنڌين کان مختلف ضرور آهي پر اهي سنڌي قوم جو حصو آهن ۽ بلوچستان جا 8 ضلعا سنڌ جو حصو آهن.، پروين طارق چيو ته سنڌي ڪراچي جا مالڪ آهن ،سنڌي خوشحال ڪلاس ڪراچي شهر ۾ هر ننڍي ۽ وڏي واپار جو مرڪز بڻائي پنهنجن شهرن مان مزدورن کي ڪراچي ۾ آباد ڪن ، ان سان نئين نسل لاءِ ترقي ۽ ڪراچي جي مالڪي ڪرڻ جا رستا کلي ويندا. جسقم اڳواڻ الاهي بخش بڪڪ چيو ته شعيب بڪڪ پنهنجي ڪتاب ۾ سچيون ۽ کريون ڳالهيون لکيون آهن ۽ واقعي اها افسوس جي ڳالهه آهي ته پاڻ کي باشعور ۽ سجاڳ سمجهندڙ پڙهيل لکيل به پنهنجي گهرن ۽ نئين نسل مان سنڌي ٻولي کي نيڪالي ڏئي ان جي جاءِ تي اردو ۽ انگريزي کي نافد ڪري غداري جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، ٻوليءَ جي بگاڙ ۾ وڏن شاعرن جو به هٿ رهيو آهي، ڪراچي جي قديم ۽ ڳوٺن ۾ آباد سنڌين شهر ۾ سنڌي ٻوليءَ کي زنده رکيو آهي. ان موقعي تي سگا جي باني اڳواڻ ڊاڪٽر سليمان شيخ ، اشفاق چنا، رفيق بڪڪ، اشرف کهاوڙ ۽ ٻين به شعيب بڪڪ جي ڪتاب تي ڳالهائيندي چيو ته اهو ڪتاب سنڌ جي مسئلن تي قوم جو گڏيل آواز آهي، جيڪو هر هڪ ڪتاب دوست کي پڙهڻ گهرجي.