اسلام آباد( م ڊ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان اين اي 15 مانسهره مان پي ٽي آءِ جي حمايت يافته آزاد اميدوار پرنس گشتاسپ جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 15 جو فارم 49 گذريل ڏينهن ريٽرننگ آفيسر جاري ڪيو هو. ريٽرننگ آفيسرن پاران جاري ڪيل فارم 49 موجب مسلم ليگ (ن) جي قائد نواز شريف کي آزاد اميدوار پرنس گشتاسپ خان شڪست ڏني،گشتاسپ خان 1 لک 5 هزار 259 ووٽ حاصل ڪيا ۽ نوازشريف 80413 ووٽ کڻي ٻئين نمبر تي آهي.واضح رهي ته اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 15 مانسهره جي چونڊ نتيجن کي چئلينج ڪيو هو،