سيٺارجا ڀرسان مبينا پوليس مقابلو، اي ايس آءِ امير بخش ۽ ٻين ڪيسن ۾ گهربل ڏوهاري مارجي ويو

سيٺارجا / ڪنب (نمائندن وٽان) سيٺارجا ڀرسان مبينا طور پوليس مقابلو، اي  ايس آءِ شهيد اميربخش سوڍڙو جي قتل سميت مختلف ڪيسن ۾ گهربل ڏوهارين سان مقابلو ٿيو، فائرنگ ۾ هڪ ڏوهاري مارجي ويو، لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، شهيد اي  ايس آءِ امير بخش سوڍڙو جي قتل ڪيس ۾ ملوث جوابدارن خلاف مختلف ٿاڻن جي پوليس جو ڳوٺ گل محمد ڄامڙو ڀرسان ڏوهارين سان مبينا طور مقابلو ٿيو، هڪ ڏوهاري مارجي ويو جنهن جي سڃاڻپ جوابدار سليم عرف ڏاڙهون خاصخيلي طور ٿي، پوليس موجب مارجي ويل جوابدار ڪجهه مهينا اڳ سيٺارجا ٿاڻي جي اي ايس آءِ امير بخش سوڍڙو ڳوٺ گل محمد ڄامڙو ۾ ٻن ڌرين جي جهيڙي دوران شهيد ٿي ويو هو جنهن جي قتل ڪيس ۾ ڄامڙا برادري جي ماڻهن سميت ڏاڙهون خاصخيلي به جوابدار ڄاڻايو ويو هو، جڏهن ته سيٺارجا ٿاڻي سميت ٻين ٿاڻن تي ڏوهن جي ڪيسن ۾ گهربل هو جيڪو ڪنب پوليس هٿان ڳوٺ گل محمد ڄامڙو ڀرسان مبينه طور پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.